لاڙڪاڻي شهر سميت آس پاس جي ننڊن توڙي وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سياري جي برسات جو پهريو وسڪارو شروع ٿي ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر سميت آس پاس جي ننڊن توڙي وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سياري جي برسات جو پهريو وسڪارو شروع ٿي ويو، جنهن جي ڪري ٿڌ ۾ شديد اضافو ٿي ويو، ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود بڻجي ويا. ان ڏس ۾ ڪالھ ضلعي لاڙڪاڻي جي مختلف ننڊن ۽ وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ سياري جو پهريو وسڪارو شروع ٿي ويو، جنهن سبب ٿڌ جي لهر ۾ شديد اضافو پيدا ٿي ويو، جڏهن ته ٿڌ جي ڪري شهرين پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا، جڏهن ته برسات سبب شهر اندر بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ پڻ برقرار رهي، جنهن جي ڪري شهرين جون تڪليفون ٻيڻيون ٿي ويو. هوڏانهن ٿڌ ۾ واڌ سبب شهرين گرم ڪپڙن جي خريداري ڏانهن ڌيان ڏنو، جڏهن ته لاڙڪاڻي شهر جي مختلف هنڌن تي قائم لنڊا بازار ۾ شهرين جو هڪ وڏو هجوم ڏسڻ وٽان آيو، جيڪي ٿڌ کان بچڻ لاءِ گرم ڪپڙا خريد ڪندي نظر آيا.

Read Previous

سوشل ويلفيئر ڊپارٽمنٽ خيرپور جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر شجاع الحسن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ذوالفقار گلال جي صدارت هيٺ سيمينار

Read Next

زيادتي جي جوابدارن کي جنسي صلاحيت کان محروم ڪرڻ جو قانون آڻڻ جي منظوري

Most Popular