پاڪستان ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت گڏيل قومن کي پيش ڪري ڇڏيا

نيويارڪ:  پاڪستان ڀارت طرفان دهشتگردي جا ثبوت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوترس کي پيش ڪري ڇڏيا آهن.  گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير منير اڪرم گڏيل قومن جي صدارتي آفيس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن  جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي.  ذريعن موجب پاڪستاني سفير منير اڪرم ڀارتي دهشتگردي جي ثبوت بابت پاڪستاني ڊوزينر جي ڪاپي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پيش ڪري ڇڏي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل يقين ڏياريو ته  هن رپورٽ تي غور ڪنداسين ۽ ان جو جائزو وٺنداسين. مستقل سفير منير اڪرم ڊوزينر ۾ ڏنل مختلف شاهدين جي روشني ۾ ڀارتي دهشتگردي تي سيڪريٽري جنرل کي بريف ڪيو. منير اڪرم چيو ته ڀارت پاڪستان جي اندر کلم کلا دهشتگردي جون ڪارروايون ڪري رهيو آهي گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن ۽ ڊونير جون ڪاپيون گڏيل قومن جي دهشتگردي جي خاتمي واري ڪاميٽي ۾ پيش ڪيون وڃن.

Read Previous

اڳوڻو وفاقي وزير ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس نه گهرائڻ جو فيصلو

Most Popular