مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي جِتي وڻُ ناھي، اتي ڪانڊيرو ئي درخت (وڏو وڻُ) آھي

سيد غلام حيدر شاھ قلندري

جڏھن جنهن وقت ڪنھن به شيءِ جي کوٽ ٿيندي آھي يا قحط ايندؤ آھي جيئن اڄڪلهه لاڪ ڊائون، مطلب ته اڻاٺ، اشياءِ جي گھٽ فراھمي جيڪا نه ھئڻ جي برابر ھجي ته گھرج محسوس ٿئي ٿي، ڪم ٽپائڻ واسطي اصل جي جاءِ تي نقل خريدڻ ۽ واپرائڻ مجبوري ٿيو وڃي، فائدو پنهنجي جڳهه تي پر نقصان به ڀلي پهچي، پر عادت وري پوري ڪرڻي آھي، ريت رسم ۽ رواج آھي مثلاً جتي محبتن جو قحط ھجي اتي مصنوعي کل، يا ڪنھن جا مرڪي چپ ٽيڙڻ، يا خوشامدي وارن ڀاڪرن کي به غنيمت سمجھي وٺجي ٿو، ڇو ته ڇا ڪجي جڏھن نفرتن ۽ حسدن جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو ھجي، اتي جوانيءَ جي نه ئي صحيح پر ڪنھن رولو پوڙھي جي گگاڻي چمي به ھلي وڃي ٿي، وقت جي گهرج تي تسليمِ سر آھي، ائين ڪاروبار جيڪڏھن ھيرن ۽ ناياب پٿرن جو نه ھلي، قيمت جي ڳالهه ھجي يا سڃاڻپ جي اک ٿڙي پوي ته پوءِ اتي شيشي وارو پٿر پائي ڇڏجي ٿو، ائين وري اصل ڪڪڙ جي جڳهه تي اڇو فارمي ڪڪڙ کائجي پيو مزو ۽ سواد جي ڀيٽ نٿي ڪري سگھجي، فقط مھمان کي ريجھائي سگھجي ٿو، نالو وري به ڪڪڙ جو ته آھي، ائين ڇيلي جو گوشت مهانگو ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ ڪٽو (پاڏو ننڍو) ڪاسائيءَ جي ھوشياري سان، يا وري بيمار وڏي پوڙھي ٻڪريءَ جو گوشت ٻاڪري جي نالي ۾ ڳڻائي سگھجي پيو، ائين اصلي پيش سون ناياب ۽ بي پهچ ٿيڻ ڪري آرٽيفيشل متبادل استعمال ڪري نالو گولڊ رکي سگھجي ٿو، ائين منرل واٽر واري خاص ڪري نيسلي واري بوتل ۾ نلڪي جو پاڻي رکي مھمانن کي چئجي سائين اوھان جي آسانيءَ لاءِ ڍڪڻ کوليو اٿئون، ڪم ھليو وڃي، بوسڪي جي نالي تي نيلڻ ھلائي ڇڏجي، اعلان بوسڪي جو ڪپڙو نيلڻ خير آھي، ائين انجڻ ڪاٻاڙي مٿان چمڪ واري فٽنگ ۽ پيڪينگ وڏي گاڏي جي نالي تي ھلي سگھي ٿي، ائين رئيس ننڍو وڏي جي نالي کپيو وڃي، ائين ھٿ جھليل فقير صوفي ۽ پير ڪم ڪڍيو وڃن، ائين ھر گھمندڙ ڦرندڙ ڊاڪٽر جو نالو اڳيان نالي جي پڪاري سگھجي ٿو، فقط ھڪ ٻه ڊاڪٽري اوزارن کي کڻڻ جي صورت ۾، ائين انجنيئر جو نالو مستري استعمال ڪري وٺي ٿو، ليڊر ۽ جھرتو ڪامريڊ اڳتي ھليو ليڊر سڏائي سگهي ٿو، ائين ميلن ملاکڙن ۾ ٽئين جنس عورت جي ويس ۾ ڪم اڪلايو ڇڏي، ائين ھر ھڪ فيلڊ ۾ ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت آھي، جڏھن نٿي ٿئي ته اتي ڪانڊيري کي وڻ چئي سھگجي ٿو، پر اھڙا ڪانڊيرا جيڪڏهن وڻ ۽ درخت ٿي اچن ته مٺيون ڀيڙي ڀڄڻ ۾ عافيت آھي

Read Previous

افغانستان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي خودڪش حملو، ٻه اهلڪار مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

Read Next

شاعر امداد علي احساس

Most Popular