نيب سکر پاران سپليمنٽري ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف پي پي ايم اين اي سيد خورشيد شاھ سنڌ ھائي ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

سکر :  نيب سکر پاران سپليمنٽري ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف پي پي ايم اين اي سيد خورشيد شاھ سنڌ ھائي ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي۔ عدالت خورشيد شاھ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي 2  ڊسمبر جي تاريخ  مقرر ڪري ڇڏي ۔ ڌرين کي نوٽيس جاري ۔سيد  خورشيد احمد شاھ وڪيل معرفت سنڌ ھائي ڪورٽ سکر ۾ درخواست داخل ڪرايل درخواست ۾  موقف اختيار ڪيو آھي  ته آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس اڳ ئي داخل ٿي چڪو آھي ۔ وڌيڪ سپليمنٽري ريفرنس داخل ڪرڻ کان نيب کي روڪيو وڃي ۔درخواست ۾  موقف اختيار ڪندي وڌيڪ ڄاڻايو آھي ته نيب آرڊيننس 1999 تحت ڪنھن به شخص خلاف  سپليمنٽري ريفرنس داخل نٿو ڪري سگهجي ۔سنڌ ھائي ڪورٽ بئنچ  سکر اھڙي درخواست ٻڌڻ جوڳي لاءِ منظور ڪندي ٻه رڪني بينچ تي مشتمل جسٽس فھيم صديقي ۔ جسٽس خادم حسين تنيو جي سربراهيء ۾  جوڙي ڇڏي جيڪا 2 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندي، جڏھن ته عدالت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا۔

Read Previous

سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي سڪرنڊ جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين شھيد الطاف جسڪاڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاء احتجاج

Read Next

ڏيڍ مهينو اڳ ٺل مان اغوا ٿي ويل مغوين جي بازياني لاء ٺل جي نوناري برادري پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular