لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي (سپاف) ضلعي طرفان گذريل ڏينهن پارٽي سيڪريٽريٽ ڪينيڊي مارڪيٽ لاڙڪاڻي ۾ ضلعي صدر عبدالرحمنٰ موريو جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ڪوٺايو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) پاڪستان پيپلز پارٽي (سپاف) ضلعي طرفان گذريل ڏينهن پارٽي سيڪريٽريٽ ڪينيڊي مارڪيٽ لاڙڪاڻي ۾ ضلعي صدر عبدالرحمنٰ موريو جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن اجلاس ۾ پي پي سپاف ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري سيد شاهزيب شاھ، انفارميشن سيڪريٽري جبران رفيق جوکيو، شفقت ذوالفقار چنو، ظهير تنيو، طارق ڀٽي، بخت جمالي سومور، شاهزيب سانگي، فرمان عباسي، عقيل چانڊيو، حسنين هليو، شاھ جهان خان، اظهار علي جوڻيجو، عبدالستار گاڏهي، هماد ابڙو، عبدالله آريجو، احسان تنيو، مير کچي، عرفان مغيري، ذوالفقار ڌامراھ، ڪاشف سومرو، احسان مغيري، ڪاشف علي لهر، سرتاج مڱريو ۽ ٻين ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان 30 نومبر تي پنجاب جي شهر ملتان ۾ پارٽي جي ٿيندڙ 53 هين يوم تاسيس واري جلسي ۾ پي پي سپاف ضلعي لاڙڪاڻي جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا، جڏهن ته پارٽي جي 53 هين يوم تاسيس واري جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ضلعي جي مختلف هنڌن تي اسان جا اجلاس توڙي گڏجاڻي هلندڙ آهن، جڏهن ته پارٽي جي هر جلسي کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ اسان شاگردن جو اهم ڪردار هوندو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سليڪٽيڊ عمران نيازي پاڪستان جي معشيت کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ جو عوام کي مهانگائي جي دٻڻ ۾ پوري طرح دسجي چڪو آهي، هاڻي اهو وقت پري نه آهي جڏهن پي پي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي هن سليڪٽيڊ وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو ته جيئن پاڪستان جو عوام سک جو ساھ کڻي سگهي.

Read Previous

نصير آباد : ڪجهه ڏينهن اڳ بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل برادري جي چڱي مڙس نصرالله اوڍاڻو جي قتل خلاف ڪندي

Read Next

لاڙڪاڻو : باقراڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

Most Popular