لاڙڪاڻو : باقراڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) تعلقي باقراڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. ان ڏس ۾ باقراڻي شهر جي مهاجر پاڙي جي رهواسي 22 سالن جي نوجوان شوڪت علي پٽ غلام اڪبر چنو مبينا وڻ ۾ ڪپڙو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي، جڏهن ته خودڪشي ڪندڙ نوجوان جو لاش سندس وارثن کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي شعبه حادثات ۾ آندو، جتان نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي والد غلام اڪبر چنو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ ڪجھ ڏينهن اڳ شادي ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو هيو، جنهن کي مون ڪجھ وقت صبر ڪرڻ لاءِ چيو، جڏهن ته اڄ اچانڪ پٽ ھٽڙي غلام شاهه ڀرسان پير ميان الياس جي وڻ ۾ ڪپڙو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، جنهن عمل سان منهنجو اندر جهري پيو آهي.

Read Previous

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي (سپاف) ضلعي طرفان گذريل ڏينهن پارٽي سيڪريٽريٽ ڪينيڊي مارڪيٽ لاڙڪاڻي ۾ ضلعي صدر عبدالرحمنٰ موريو جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ڪوٺايو ويو

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم طرفان 150 غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ٻارڙن جا طوهر سنت ڪرائي کين دوائون توڙي ٻيو سامان ڏنو ويو

Most Popular