لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم طرفان 150 غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ٻارڙن جا طوهر سنت ڪرائي کين دوائون توڙي ٻيو سامان ڏنو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد ) لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم طرفان 150 غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ٻارڙن جا طوهر سنت ڪرائي کين دوائون توڙي ٻيو سامان ڏنو ويو. ان ڏس ۾ ڪالھ سماجي تنظيم قادر سوسائيٽي ويلفيئر ايسوسيئيشن (قسوا) طرفان شهر جي مقامي شادي هال ۾ تقريب منعقد ڪري 150 غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ٻارڙن جا طوهر سنت ڪرائي کين دوائون ۽ ٻيو سامان پڻ ڏنو ويو. ان موقعي تي قسوا جي چيئرمين عاشق علي عباسي، زوار حسين عباسي، فهيم ابڙو، مظهر علي عباسي، عنايت الله سولنگي ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان کي دلي سڪون مليو آهي، جڏهن اسان هنن گلڙن جهڙن ٻارڙن جا طوهر سنت ڪرائي سندن دوائون ۽ ٻيو سامان ڏنو آهي، جڏهن ته هي معصوم ٻارڙا انتهائي غريب خاندانن سان واسطو رکندڙ آهن. هنن چيو ته شهر جي سرندي وارن ماڻهن کي پڻ گهرجي ته هو اهڙن نيڪي جي ڪمن ۾ اڳتي اچي بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي، جنهن عمل سان الله تعاليٰ ۽ ان جي پياري محبوب ﷺ جي ذات برڪات پڻ راضي ٿيندي آهي.

Read Previous

لاڙڪاڻو : باقراڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

Read Next

لاڙڪاڻو : پاڪستان سني تحريڪ سنڌ جي وفد طرفان لاڙڪاڻي پهچي ضلعي صدر سان ملاقات ڪئي وئي

Most Popular