سنڌ جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ هميشه جنگ جوٽي، اسلام ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي حقن خاطر جام شهادت ماڻي: مولانا راشد خالد محمود سومرو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف) لاڙڪاڻي ۾ 26 نومبر 2020 شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ “شهيد اسلام ڪانفرنس” جون تياريون مڪمل ۽ ڪانفرنس جي حوالي سان اسپيشل انٽيليجنس، ڊي آئي بي، ڊي ايس پي لاڙڪاڻو، مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز، ٽريفڪ سارجنٽ، آئي سي/ ايڇ آر ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجاڻيون ڪيون ويون، ان موقعي تي مولانا راشد خالد محمود سومرو، مولانا ناصر خالد محمود سومرو ۽ محبت علي کهڙو چيو ته شهيدِ اسلام علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ هميشه جنگ جوٽي، اسلام ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي حقن خاطر جام شهادت ماڻي، هن چيو ته لاڙڪاڻي اسٽيڊيم ۾ اسٽيج ۽ پنڊال جو ڪم جاري آهي ۽ انشاء الله شهيد اسلام ڪانفرنس ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو شرڪت ڪندا، ملڪ اسلامي ۽ قانون آمريڪا ۽ اسرائيل ۽ يورپ جو هلي رهيو آهي، سليڪٽيڊ حڪومت عوام کي مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسي ڇڏيو آهي، هن حڪومت کان عوام کي نجات ڏياري ويندي، هن وڌيڪ چيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل خلاف خاموش نه ويهنداسين، شهيد بابا جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي پوءِ سک جو ساهه کڻنداسين، هن چيو ته دين جي سربلندي حق ۽ سچ جي بالادستي خاطر ظالمن قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار آهيون، ان موقعي تي مولانا راشد خالد محمود سومرو ڳالهائيندي چيو ته جمعيت علماءِ اسلام ۾ شهيدن جو رت شامل آهي، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ملڪ سميت سنڌ جي سياست ۾ هڪ تاريخي انقلابي ڪردار ادا ڪيو، موجوده حڪمرانن جي بيروزگاري ۽ مهانگي جي ڪري عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ نالائق ٽولي جي حوالي ڪيو ويو آهي، ملڪي معيشت نيازي تڪبر، ڪوڙ ۽ انا جو شڪار آهي، دين ۽ پاڪستان خلاف هر سازش جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، جعلي حڪومت کان عوام کي جلد ڇوٽڪارو حاصل ٿيندو، سليڪٽيڊ حڪومت کان سليڪٽر ۽ عوام پريشان آهن، نيازي سرڪار غريب عوام کي مهانگي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومت جي پاليسين جي ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، غربت سبب عوام ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهي.

Read Previous

لاڙڪاڻو : پاڪستان سني تحريڪ سنڌ جي وفد طرفان لاڙڪاڻي پهچي ضلعي صدر سان ملاقات ڪئي وئي

Read Next

انتظاميا پاران مختلف علائقن سٽيزن ڪالوني، پل، ڪئنال، هوٽل، شاپنگ سينٽر ۾ ٿيل غير قانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو

Most Popular