انتظاميا پاران مختلف علائقن سٽيزن ڪالوني، پل، ڪئنال، هوٽل، شاپنگ سينٽر ۾ ٿيل غير قانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو

خيرپور  :   سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي خيرپور ضلعي جي انتظاميا پاران اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور صفدر علي ميراڻي، اي ڊي سي ون ضمير حسين جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي وڏن اٽالن ٽئين ڏينهن به خيرپور جي مختلف علائقن سٽيزن ڪالوني، ڳاڙهي پل، خاڪي شاهه پل، مير واهه ڪئنال، غريب نواز هوٽل، الجمهور شاپنگ سينٽر ۾ ٿيل غير قانوني اڏاوتن خلاف آپريشن ڪري اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته غريب نواز هوٽل، الجمهور شاپنگ سينٽر جون اڏاوتون ڊاهڻ دوران دڪاندارن، هوٽل مالڪن، شهرين ۽ انتظاميا وچ ۾ چڪريون پڻ ٿينديون رهيون، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ دوڪاندارن پاران پاڻمرادو غير قانوني اڏاوتون ڊاهڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي، جڏهن ته آپريشن ضلعي انتظاميا پاران ٻٽو معيار رکيو ويو، بااثرن ماڻهن جي بنگلن، ڪاروبار کي ڪجهه به نه ڪيو، جڏهن ته غريب پورهيت مسڪين ماڻهن جا گهر، دوڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو ۽ سوين پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن. هوڏانهن غريب نواز هوٽل جي مالڪ عامر ميمڻ ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻيو عملو بنا ڪنهن نوٽيس جي هوٽل ڊاهي پٽ ڪيو آهي، جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته هوٽل تي مزدوري ڪندڙ پورهيتن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف اي سي خيرپور صفدر علي ميراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سرڪاري ملڪيتن تي قبضو ڪندڙن خلاف آپريشن جاري رکيو ويندو، قبضو ڪندڙ ڪيترو به بااثر ڇونه هجي ان جي خلاف آپريشن ڪري قبضا ختم ڪرايا ويندا.

Read Previous

سنڌ جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ هميشه جنگ جوٽي، اسلام ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي حقن خاطر جام شهادت ماڻي: مولانا راشد خالد محمود سومرو

Read Next

نيوزيلينڊ ويندڙ ڇهه پاڪستاني رانديگرن جا ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويا

Most Popular