نوشهروفيروز: ايريگيشن روهڙي ڊويزن مورو جي اڳوڻي اڪائونٽس ڪلارڪ امداد عالماڻي پاران اڳوڻن انجنيئرن سان ملي ڀڳت ڪري ۽ سندن جعلي صححين سان کاتي ۾ لکين روپين جي عيوض ڪيل ناجائز ڀرٿين جو ڪنهن به نوٽيس ورتو

نوشهروفيروز(ڊ ر) ايريگيشن روهڙي ڊويزن مورو جي اڳوڻي اڪائونٽس ڪلارڪ امداد عالماڻي پاران اڳوڻن انجنيئرن سان ملي ڀڳت ڪري ۽ سندن جعلي صححين سان کاتي ۾ لکين روپين جي عيوض ڪيل ناجائز ڀرٿين جو ڪنهن به نوٽيس ورتو , ڪلارڪ پاران ڪرپشن ۽ رشوت خوري مان ڪمايل ڪاروناڻو پنهنجي ويجهن عزيزن جي نالن تي مختلف بئنڪن جي اڪائونٽن ۾ ڪروڙين روپيا جمع ڪيو ويو آهي  ،سون جي تعداد ۾ جعلي ڀرتين ڪرڻ جو پڻ ڀانڊو ڦاٽي پيو،ڪيترائي خاندان ڦرجي ۽ لٽجي ويا،نيب،ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن به مجرماڻي  خاموشي اختيار ڪري ورتي ساڃاه وندن پاران فوري انڪوائري ڪري قدم کڻڻ جي گهر . رپورٽ موجب ايريگيشن روهڙي ڊويزن مورو ۾ هڪ جونيئر ڪلارڪ مان اڪائونٽس ڪلارڪ بڻيل امداد عالماڻي کاتي ۾ اڳواڻن انجينيئرن بيبورام , سعيد جاگيراڻي , حبيب الله ميمڻ , غلام حسين اڄڻ سان ملي ڀڳت ڪري ناني ويڙهو ٺاهي ڪرپشن ڪرڻ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندي ڪروڙين روپين جون ملڪيتون ٺاهي ڇڏيون آهن جنهن ۾ سندس ڳوٺ مڃٺ ۾ 10 دوڪان ۽ ڀرسان ڇھ هزار فوٽ پلاٽ،ٺاروشاھ شهر جي ٽيڪسي اسٽينڊ جي ڀرسان چار دوڪان ۽ انهن جي مٿان ٺهيل ماڙيون ۽ انهن جي ڀرسان 20 ڪمرن تي مشمل هڪ اسڪول جي بلڊنگ جيڪا لانگاھ ذات جي شخص کي ڪرائي تي ڏنل آهي جيڪا پراپرٽي سندس ڀاءُ ماهي خان عالماڻي جي نالي تي آهي ان سان گڏوگڏ سندس گهر جي جڳھ ۽ ڪارنر جو ڇھ هزار فوٽ پلاٽ آهي جڏهن ته پنهنجي شهر کان علاوه حيدرآباد شهر ۾ هڪ بنگلو جامع مسجد ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ ۽ بنگلي سان لڳولڳ هڪ جڳھ ۽ هڪ پلاٽ آهي ان کان علاوه بختاور ڪالوني عبداللّه پلازه حيدرآباد جي سامهون سپر هاءِ وي لڳ بنگلو نمبر 272 آهي جڏهن ته اسرا ڪالوني حيدرآباد جي چنڊ ٽائون جي پويان ڊي پي سي ٿيل 3هزار فوٽ پلاٽ آهي ان کان علاوه نوشهروفيروز باءِ پاس لڳ روينيو ڪالوني ۾ هڪ بنگلو آهي جڏهن ته هن ڪرپشن جي بيتاج بادشاھ وٽ 2 ڪرولا جي ايل آءِ ۽ هڪ ڪلٽس نوان ماڊل گاڏيون پڻ آهن جڏهن ته 2009 ۽ 2010 ۾ شاهد شخص جي نالي سان هن اين آءِ سي نمبر 45302.9755318.7 ۽ سندس ڀاءُ ماهي خان عالماڻي جي اين آءِ سي نمبر45302.2300406.9 جي نالن سان مختلف بئنڪن ۾ اڪائونٽ کولرائي ٽريزري عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري پينشن جي مد ۾ ڪروڙين روپيا موڪلرائي پئسا ڪڍرائي وري اهي اڪائونٽ بند ڪرايا ويا جڏهن ته ڪلارڪ امدا عالماڻي جي ڊرائيور ممتاز سولنگي جي نالي سان پڻ ڪروڙين روپيا مختلف بئنڪن مان ڪڍرايا ويا جنهن بعد نيب سندس ڊرائيور ممتاز سولنگي کي کي سڳ سميت گرفتار پڻ ڪيو جيڪو ڪافي وقت جيل ۾ رهڻ بعد هن پنهنجو ڏوھ تسليم ڪيو ۽ ان جا هن ڪرپٽ ڪلارڪ ان وقت 36 لک روپيا ڀري کيس آزاد ڪرايو جڏهن ته ڪرپٽ ڪلارڪ امداد عالماڻيءَ جي ڄاڻايل ملڪيت جو ڪاٿو هڪ ارب ۽ ڪيترائي ڪروڙ ٻڌايو پيو وڃي ان کان علاوه هي شاطر ڪلارڪ امداد عالماڻي جيڪو ڪيترن ئي ايريگيشن جي انجنيئرن جون جعلي صححيون ڪري سوَن جي تعداد ۾ غريب پورهيتن کان ڪروڙين روپيا وٺي جعلي آرڊر ڏنا جيڪي غريب اڄ ڏينهن تائين دربدر آهن  هن ڪرپشن جي بيتاج بادشاهه کي هٽائي کيس سب ڊويزن ڀريا ۾ مقرر ته ڪيو ويو آهي پر اڪائوٽس جو جيڪو به رڪارڊ آهي پاڻ وٽ رکيو ويٺو آهي نئين آيل ڪلارڪ کي حوالي ڪرڻ لاء تيار ناهي هتان جي ساڃاهوند ڌرين پاران اهڙي ڪرپشن ۾ انتهائي مهارت رکندڙ هڪ خصيس ڪلارڪ امداد عالماڻي جي ايڏي وڏي ملڪيت هجڻ تي چيئرمين نيب ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن سميت سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جي مڪمل تحقيقات ڪرائي ڪمايل ڪارو ناڻو واپس ڪرائي سندس مٿان قانوني قدم کنيو وڃي۔

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي پٿرُ پرائو، سورَ ھرڪا پنھنجا روئي

Read Next

سيوهڻ شريف ۽ ڀان سيدآباد شھر ۾ شراب بغير لائسنس جي ۽ منشيات جو ڪاروبار شراب سرعام وڪرو ٿيڻ لڳو

Most Popular