سانگهڙ ضلعي اندر ڪورونا وائرس جي حوالي سان حساس علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) سانگهڙ ضلعي اندر ڪورونا وائرس جي حوالي سان حساس علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ پوليس سان گڏ رينجرز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو اڄ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جي صدارت هيٺ پوليو مهم جي سلسلي ۾ رٿيل گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ ضلعي اندر پوليو مهم کي ايس او پيز تحت اثرائتي انداز سان هلائڻ ۽ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر کان عوام کي بچائڻ جي لاءِ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سمورين سرڪاري آفيسن اندر بنا ماسڪ جي ڪنهن جي ملازم توڙي فرد جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي جڏهن ته بازارن ۽ شادي هالن جي سخت نگراني ڪئي وڃي جتي به ايس او پيز جي ڀڃڪڙي نظر اچي اتي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪورونا جي ٻئي لهر انتهائي خطرناڪ آهي ان ڪري عوام کي پنهنجو خيال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ضلعي ۾ ڪورنا جا جيڪي ڪيس ظاهر ٿيا آهن انهن کي سندن گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.

Read Previous

دادو شھر ۽ ٻھراڙين ۾ گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ عوام کي بيزار ڪري ڇڏيو صارفين سراپا احتجاج

Read Next

سيوهڻ شريف رپورٽ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ميونسپل ڪاميٽي (سٽي) سيوهڻ پاران سيوهڻ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ايس يو پي ضلعي ڄامشوري جي صدر درياء خان لغاري جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي گذري

Most Popular