سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)شھري اتحاد سجاول جي وفد ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري سان ملاقات ڪئي وئي.جنھن ۾ سجاول شھر جي مسئلن جن ۾ صفائي سٿرائي،سجاول جي سرڪاري ادارن ۾ غيرمقامي ماڻھن جي ڀرتي،لوڊشيڊنگ،شھر سجاول جي بند پيل ٽرانسفارم ۽ تعلقه اسپتال سجاول ۾ دوائن جي کوٽ سميت ٻين ڳالھين تي غور ڪيو ويو.شھري اتحاد سجاول جي وفد ۾ صدر اڪرم ميمڻ،منيراحمد،اعظم عمراڻي،يونس ڀان،۽ ٻين ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي کي سجاول شھر جا مسئلا لکت طور ڏنا.شھري اتحاد جي وفد چيو ته سجاول شھر ھيڊڪوارٽر ھوندي به مسئلن جو شڪار آھي.سجاول شھر جا ڪيترائي ٽرانسفارم بند پيل آھن.تعلقه اسپتال سجاول ۾ دوائن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرن جي غيرحاضري آھي.صفائي جو نظام به درست نه آھي.سرڪاري آفيسن ۾ ٻاھرين ماڻھن کي مقرر ڪيو ٿو وڃي سجاول ضلعي جي ماڻھن کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي.سجاول ضلعي جا ڪيترائي اسڪول آھن جن ۾ بنيادي سھولتون موجود نه آھن.ٻارڙا اتي مشڪلات ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا.ھنن وڌيڪ چيو ته ڊي سي آفيس سجاول مان غيرمقامي ماڻھن جا ڊومسائل جاري ڪيا پيا وڃن.اسان ڪيترائي جعلي ڊوميسائل ثبوت سان ڏنا آھن پر اڃا تائين اھا رد نٿا ٿين.سجاول ضلعي جي روڊن رستن جون حالتون تمام خراب آھن.امان جي صورتحال به خراب آھي.سجاول ضلعي ۾ منشيات فروشن جو انگ وڌي رھيو آھي.پرائيوٽ ڪمپنيون ۽ اين جي اوز وارا به غيرمقامي ماڻھو ڀرتي ڪن ٿا پر سجاول ضلعي جي نوجوانن کي نوڪريون نٿا ڏين.ايس پي آفيس سجاول ۾ غيرمقامي ماڻھن کي ڀرتي ڪيو ويو آھي.جنھن ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي چيو ته سجاول ضلعي جي مسئلن جو مونکي اندازو آھي.مون ڪيترائي ڀيرا اسپتال جو دورو ڪيو آھي.غيرمقامي ماڻھن کي ڊومسائل جيڪاجاڙي ٿيا آھن.انھن لسٽ ڏيو ته انھن کي رد ڪرائينداسين.ٽريزري آفيس ۾ غيرمقامي ماڻھن کي ڀرتي نه ڪيو ويو آھي صرف ايڊيشنل چارج مليل آھي جنھن تي شھري اتحاد جي اڳواڻن چيو ته ٻه ماڻھو آھن انھن کي مقرر ڪيو ويو آھي.جنھن ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي چيو ته اھو نوٽيفڪيشن مونکي ڏجو جنھن تي مقرر ٻاھر جي ماڻھن جي مقرري روڪاىي ويندي.ھن چيو ته شھري اتحاد سجاول جي وفد جي ڪجه ڏينھن ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس سجاول ۾ اجلاس ڪوٺايو ويندو جنھن ۾ توھان جا مسئلا رکيا ويندا جن کي جلد حل ڪرايو ويندو.ان اجلاس ۾ ضلعي سجاول جا سرڪاري عملدار ۽ شھري اتحاد جو وفد ھوندو.ملاقات ۾ مولوي اشرف،شاداب جوڻيجو،سراج لوھار،عبدالخالد ۽ ٻيا موجود ھئا،