نيوزي لينڊ ۾ قومي اسڪواڊ جي هڪ ٻئي ڪارڪن جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي ويو

ڪرائيسٽ چرچ: نيوزي لينڊ ۾ قومي اسڪواڊ جي هڪ ٻئي ڪارڪن جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي ويو، ڪرڪيٽ عملدارن ۾ پريشاني جي لهر پکڙجي وئي، سيريز کان پهريان ڪووڊ ڪليئرنس مٿي جو سور بڻجي وئي، موجوده حالتن ۾ رانديگر ٽريننگ شروع نه ڪري سگهيا. قومي اسڪواڊ جي هڪ ڪارڪن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ خطري جي علامت بڻجي وئي، ڪيوي عملدارن ڪورونا جو شڪار رانديگر کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو، ڪنهن سان ڪنهن سان مليو، روٽين ڪهڙي رهي، سخت سوالن جو انٽرويو ٿيو، ٽي ڏينهن آئسوليشن پيرڊ مڪمل ڪندڙ رانديگرن کي معمولي ٽريننگ جي اجازت نه ملي سگهي. هڪ سٺي خبر اها آهي ته 6 مان 3 ڪارڪنن جي رپورٽ منفي اچي وئي، ڪيوي آفيشلز جي پاڪستانين کي وطن واپس موڪلڻم واري ڌمڪي تي قومي اسڪواڊ ڪافي محتاط ٿي ويو، هيڊ ڪوچ مصباح الحق کي سخت نگراني جو به ٽاسڪ ڏنو ويو هو. 14 ڏينهن آئسوليشن ۽ طبي معائني ۾ گذارڻ کانپوءِ رانديگر ان ايڪشن ٿيندا، پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز 18 ڊسمبر شروع ٿيندي.

Read Previous

بلاول ڀٽو سان شادي، مهوش جو جواب ”ها“ ۾ اچي ويو

Read Next

اسٽيل ملز جي ملازمن کي هٽائڻ بجاءِ عمران خان کي هٽائڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular