جلسن سان حڪومت تي ڪوبه فرق نه پوندو: ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ ضرور ٿيندي: فردوس عاشق

لاهور:    پنجاب جي وڏي وزير جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعاوڻ چيو آهي ته جلسن سان حڪومت نٿي وڃي سگهي پر ڪورونا جي ڪيسن ۾ ضرور واڌ ٿيندي. فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مخالف ڌر ملڪي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي ۽ مخالف ڌر جو غير فطري اتحاد ڪورونا جي پکيڙ جو ذريعو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته جلسن سان حڪومت ته نه ويندي پر ڪورونا ضرور گهر اچي رهيو آهي. مخالف ڌر جي جعلي اڳواڻن کي خطرناڪ ٿيل صورتحال جي خبر ئي ناهي. هڪ شهزادو ڪورونا جو شڪار ٿي پنهنجي محل ۾ ويٺل آهي پوءِ به جلسن جو ضد آهي. فردوس عاشق چيو ته جاتي امراءَ جي راڻي کي عوام سان نه پر اقتدار جي لالچ آهي. پشاور جلسي کان پوءِ ڪورونا ڪيس وڌي ويا آهن پر کين ان ڳالهه جو ڪوبه احساس ناهي.  هن چيو ته ملتان ۾ هڪ دفعو ٻيهر تماشو لڳايو پيو وڃي. پر عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي. پنجاب جو وڏو وزير عوام جي حياتين جي ت فظ لاءِ ضروري قدم کڻي رهيو آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته رياست جي رٽ کي چيلنج ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ ڪورونا جي دوران عوام جي زندگي خطري ۾ نٿا وجهي سگهون.  هن چيو ته اسان کي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي جلسن جي ڪا به پرواهه ناهي پر عوام جي  حياتين جو تحفظ اسان جو اولين فرض آهي.

Read Previous

ملتان ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ضرور ٿيندو، گرفتارين سان جلسا نٿا روڪي سگهجن: مريم اورنگزيب

Read Next

دي اڪانومسٽ ڀارتي چهري تان جمهوريت جو مصنوعي نقاب لاهي ڇڏيو

Most Popular