سکر: پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سکر جي ليڊيز ونگ جو اجلاس سيد شفقت علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

سکر( رپورٽ.امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سکر جي ليڊيز ونگ جو اجلاس سيد شفقت علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ سکر فنڪشنل ليگ جي نئين باڊي چونڊي وئي، جنهن ۾ مسلم ليگ ف ليڊيز ونگ ضلعي سکر جي صدر لاءِ ڪوثر پروين، سينيئر نائب صدر ساجدا شيخ، نائب صدر منظوران سميجو، جنرل سيڪريٽري رضيه عباسي، ايڊيشنل سيڪريٽري نذيران بيبي، جوائنٽ سيڪريٽري ممتاز چنا، فنانس سيڪريٽري فرزانه سميجو، انفارميشن سيڪريٽري مهڪ پروين کي چونڊيو ويو آهي. جڏهن ته اجلاس ۾ نئون سکر تعلقي جي صدر لاءِ خالدا پروين کي چونڊيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي سيد شفقت علي شاهه چيو ته فنڪشنل ليگ هميشه عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي. ليڊيز ونگ جون عهديدار مقرر ٿيڻ سان عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ به جدوجھد ڪئي ويندي. هن چيو ته گذريل 15 سالن کان اجھي لٽي ۽ اٽي جو نعرو هڻندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نااهل حڪمرانن سنڌ ۾ ترقي بجاءِ بک ۽ بدحالي ڪئي آهي.

Read Previous

نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف ڳوٺن جي معذورن پاران مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ مطالبن جي حل لاءِ نعره ھڻي رھيا ھئا

Read Next

ميھڙ: سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين طرفان سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ ء سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت ھيٺ سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي آفيس م ثقافتي پروگرام منعقد

Most Popular