پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سٽي طرفان المرتضيٰ هائوس ۾ 53 هيون يوم تاسيس جي تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سٽي طرفان المرتضيٰ هائوس ۾ 53 هيون يوم تاسيس جي تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو جنهن جي صدارت سٽي صدر لياقت علي عمراڻي ڪئي. ان موقعي تي تي اعزازي مهمان فقير حبيب پتوجو، غلام رسول عمراڻي، امتياز علي گاد، خان آريجو، محراب علي ڀٽو، ذوالفقار جوکيو، غازي خان ابڙو، ڊاڪٽر وحيد جوڻيجو، سليم خان چنه، رضا علي ڀٽي، نظر حسين بگٽي، هدايت الله انصاري، موهن لال، عرفان علي تنيو، عامر تنيو، اظهر چانڊيو، عبدالستار جاگيراڻي، نظام ڀٽو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 30 نومبر 1967ع ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو، 53 سالن جي دور ۾ پارٽي اڄ به زندهه آهي اهو ان ڪري جو شهيد ڀٽو هن ملڪ سميت دنيا جي هيٺين سطح غريب طبقي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ جدوجهد ڪندي ڦاهي کي قبول ڪيو پر ان ظالم قوتن سان ڪو به سمجهوتو نه ڪيو پنهنجا ٻچا به قربان ڪري ڇڏيا ۽ هزارين ڪارڪن قربان ٿيا پر نه جهڪيا ۽ نه وڪاميا. هنن چيو ته اڄ پنهنجي قائد جي گهر ۾ يوم تاسيس جو ڪيڪ ڪاٽي فخر ٿا محسوس ڪريون ته ان گهر ۾ موجود آهيون جتي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جا خواب جڙيل آهن، محترمه غنويٰ ڀٽو جي قيادت ۾ فتح جو سج اڀرندو اها ئي حقيقي جمهوريت هوندي.

Read Previous

اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي ۽ مختيارڪار سڪرنڊ وسيم لاشاري جو شهر جو اوچتو دورو

Read Next

مٽياري . رپورٽ . اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروايون ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هڪ هوٽل ۽ 4 دڪان سيل ڪيترن ئي دڪاندارن تي ڏنڊ

Most Popular