احساس ڪفالت پروگرام تحت جاري ڪيل امدادي رقم 12000روپيا قاضي احمد ۾ سوين مستحق عورت کي ٻئي ڏھاڙي به ملي ناهن سگهيا

قاضي احمد رپورٽ علي نواز جتوئي: احساس ڪفالت پروگرام تحت جاري ڪيل امدادي رقم 12000روپيا قاضي احمد ۾ سوين  مستحق عورت کي ٻئي  ڏھاڙي به ملي ناهن سگهيا   ڊپٽي ڪمشنر بينظيرآباد پاران گورنمينٽ ھائر سينڪڊري اسڪول قاضي احمد ۾ مقرر ڪيل سينٽرن تي پهتل مستحق  عورتن کي امدادي رقم نه ملڻ توڙي اڻپورن انتظامن واري عمل خلاف وڏي انگ ۾ ٻھراڙين کان سينٽر تي آيل عورتن احتجاج ڪندي نعري بازي  ڪئي مستحق عورتن فتح خاتون ,مختيار ڪلهوڙو ,حاڪم زادي ۽ صفوران خاتون سميت ٻين عورتن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ٻن ڏھاڙن کان رلايو پيو وڃي پر امدادي رقم نه پئي ڏني وڃي اسين چڪر ڪاٽي سڄو ڏھاڙو بک اُڄ تي ويهي ويهي شام جو خالي هٿين گهر واپس وڃون ٿا ڪا به انتظاميان ناهي  نه وري احساس ڪفالت پروگرام  جا آفيسر پهتا آھن هن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي عورتن جي ويهڻ لاء انتظام ڪري رقم ورهائي وڃي ٻئي صورت ۾ سينٽر سامهون قومي شاھراه بلاڪ ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو ,هوڏانهن عورتن جي پيھ ۽  رش سبب ڪورونا وائرس باوجود  ايس او پيز تي عمل ناهي ٿي سگهيو , امدادي رقم ڏيڻ لاء مقرر ڪيل ايجٽن ٻڌايو ته انتظاميان حفاظتي انتظام ناهن ڪيا ڪيش ڪئين هلايون محفوظ ھنڌ تي ويهاريون وڃي ته اسين ڪيش ھلايون

Read Previous

نوشهروفيروز کي ميونسپل جي درجو نه ڏيڻ خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Read Next

بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ دائم سولنگي ۾ هفتو اڳ قتل ٿي ويل نوجوان لياقت سولنگي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو

Most Popular