بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ دائم سولنگي ۾ هفتو اڳ قتل ٿي ويل نوجوان لياقت سولنگي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو

ڪشمور: رپورٽ اعجاز احمد چنہ بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ دائم سولنگي ۾ هفتو اڳ قتل ٿي ويل نوجوان لياقت سولنگي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڀاء عاشق سولنگي ۽ وارثن ميڊيا آفيس پهچي مياڻي ايٽ بڊاڻي پوليس خلاف احتجاج ڪيو خبر موجب مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ دائم سولنگي ۾ قتل ٿيل لياقت سولنگي جا قاتل هفتو گذرڻ باوجود به گرفتار ڪون ٿيا انهي موقعي تي  قتل ٿي ويل لياقت سولنگي جي ڀاء عاشق سولنگي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته هفتو اڳ ۾ رستي ويندڙ منهنجي ڀاء کي جوابدارن مير حمزو سولنگي معشوق سولنگي عبدالوهاب سولنگي ۽ هڪ اڻ سڃاتل ڪهاڙين جا وار ۽ ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري بيدردي سان قتل ڪيو جنهن جو بڊاڻي ٿاڻي تي امڙ جانل خاتون جي فرياد تي قتل جو پڻ ڪيس به داخل ڪرايو آھي ليڪن افسوس آھي پوليس اڃان تائين قاتل گرفتار ناهي ڪري سگهي جوابدار سريعام گهمن پيا ۽ اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء موتمار ڌمڪيون پيا ڏين مال اگر گهرن کان اسان جو ٻاهر چرڻ لاء نڪري ٿو ته مٿان فائرنگ ڪن ٿا  مان قتل ٿي ويل جو اڪيلو ڀاء آھيان مونکي به مارڻ جون ڌمڪيون ملن پيون اهڙو اطلاع مان پوليس کي به ڏنو پر پوليس ننڊ ڪرڻ ۾ مصروف آھي اسين ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ امجد احمد شيخ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ آئي جي سنڌ مشتاق مهر ۽ سنڌ ھائيڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ صاحب کي هٿ ٻڌي اپيل ڪيون ٿا ته ناحق قتل ٿي ويل لياقت سولنگي جو فورن نوٽيس وٺي قاتل گرفتار ڪري سخت سزا ڏني  وڃي ۽ اسانکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي جئين اسان جي قتل ٿيل لياقت سولنگي جي خون سان انصاف ٿي سگهي

Read Previous

احساس ڪفالت پروگرام تحت جاري ڪيل امدادي رقم 12000روپيا قاضي احمد ۾ سوين مستحق عورت کي ٻئي ڏھاڙي به ملي ناهن سگهيا

Read Next

جسقم ضلعي نوابشاهه پاران سنڌ جي امر شهيد عبدالحفيظ منگي جي ورسي سخي ڄام ڏاتار جي شهر ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي

Most Popular