دادو: ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر دادو پاران پوليو مهم جو افتتاح

دادو(رپورٽ ۔محمد علی شیخ  )  ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسردادو ڊاڪٽر زاهد حسين ڏاوڇ ضلعي دادو۾ هلندڙ پوليومهم ۾ صحت کاتي پاران تشڪيل ڏنل پوليوٽيمن پاران هڪ ڏينهن جي تازي ڄاول ٻارکان 5 سالن جي عمر تائين جا ٻارڙن کي پوليوجاڦڙاپيارڻ واري ڪم جوجائزي وٺڻ لاء تعلقي خيرپورناٿن شاھ جي اسٽاپ مٺو ٻٻر۽ ان جي آس پاس جي علائقن جي ڳوٺن وڃي ٻارڙن جي والدين ۽ ڳوٺن جي نيڪ مردن کان ليڊي هيلٿ ورڪرن پاران  ٻارن کي ڦڙا پيارڻ واري ڪم بابت ڄاڻ ورتي ان موقعي تي هن ٻارڙن جي مارڪنگ نشان ڏٺا ۽ مارڪپ شيٽ ڏٺي هن وڌيڪ چيوته  ضلعي ۾ هر ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري ضلعي کي پوليو کان پاڪ ڪيو وڃي. ۽  پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئڻ هر پنج سال کان گهٽ عمر جي ٻار جو حق آهي جنهن جي لاءِ پوليو ٽيمن کي ڀرپور محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن هن قومي مهم کي ڪامياب ڪجي  ان موقعي تي ڊاڪٽرفهيم الدين سومرو هيلٿ ورڪرن جي پوليو جي ڦڙن پيئڻ   ۽ مارڪنگ واري   ڪم بابت ڄاڻ ڏني.

Read Previous

ميھڙ ۾ 20 ڏينهن اڳ وقار شيخ کان ڦر ٿيل واري واقعي جو ايس ايڇ او رسول بخش پنهور پاران ڏنل مدو پورو شهري واپارين اڳواڻ پاران ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو

Read Next

دادو : ڳوٺ قريشي جي بورينگ ۾ مرچن جو چونڊو ڪندڙ ڪڙمين مٿان زهريلي ماکيء جو حملو

Most Popular