اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:   اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ داخل اپيلن تي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.  رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه ريفرنس ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف جي اپيلن تي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر عدالت جي سامهون پيش ٿيو. جڏهن ته نوازشريف جي لنڊن  واري رهائشگاهه رائل ميل جي ذريعي پهچائڻ جون گڏيل رسيدون به عدالت جي آڏو پيش ڪيون ويون. پرڏيهي وزارت جي آفيسر مبشر خان بيان  رڪارد ڪرائڻ جي لاءِ عدالت جي سامهون پيش ٿيو. بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان اڳ مبشر خان کان ڊپٽي اٽارني جنرل سيد طيب شاهه حلف ورتو ۽ نوازشريف جي عدالت طلبي اشتهار تي عمل ڪرڻ بابت دستاويز عدالت جي آڏو پيش ڪيا. عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته اشتهار اردو ۾ ڇپيل آهي يا انگريزي؟ ڊپٽي اٽارني جنرل سيد طيب شاهه جواب ڏنو ته اشتهار انگريزي ۾ ئي ڇپيل آهي. عدالت ٻيهر پڇاڻو ڪيو ته رجسٽرار آفيس جي جيڪو ٽيڪسٽ اوهان کي ڏنو هو ڇا هي اهوئي آهي؟ ڊپٽي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته جي جيڪو اشتهار آهي ان جو ئي ٽيڪسٽ آهي جيڪو رجسٽرار آفيس اسان ڏانهن موڪليو هو.  عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇيو ته جيڪي دستاويزارت اوهان ڏنا ته ڇا  اهي نوازشريف جي ٻنهي اپيلن جا آهن؟ ڊپٽي  اٽارني جنرل جواب ڏنو ته نوازشريف جي ٻنهي اپيلن جا ڌار ڌار طلبي اشتهار جا دستاويز آهن اوهان ٻنهي اپيلن ۾ عدالت طلبي اشتهار عمل ڪرائڻ جا دستاويز جمع ڪرايو. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي لاهور جي آفيسر اعجاز احمد نوازشريف جي ماڊل ٽائون ۽ جاتي عمره رهائشگاهه اشتهار لڳائڻ جي تعميل واري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي ٻڌايو ته نوازشريف جو اشتهار وڏي آواز ۾ پڙهي ان کان پوءِ ان کي لڳايو ويو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايف آءِ اي آفيسرن جو اٿارٽي ليٽر ڪٿي آهي؟ ايف آءِ اي لاهور جي اسسٽٽنٽ ڊائريڪٽر طارق مسعود حلف کڻڻ کان پوءِ بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايوته اسان  کي نوازشريف جي رهائشگاهه تي ٻڌايو ويو ته عطاءُالله تارڙ سمورن معاملن کي سنڀاليندو آهي پر ان جي باري ۾ چيو ويو ته هو هن وقت اسلام آباد ۾ آهي. اسان پهريان اشتهار وڏي آواز ۾ پڙهيو ان کان پوءِ ان کي نوازشريف جي رهائشگاهه تي لڳايو ويو. گواهه بيان ڏنو ته ايف آءِ اي ٽيم جي ڪارروائي دوران تصويرون به ڪڍيون ويون جيڪي رڪارڊ جو حصو بنايون ويون آهن.  جنهن تي عدالت بيان رڪارڊ ڪرائيندڙ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اوهان صحيح ڪري پوءِ ويندا. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو ارڊر پاس ڪنداسين. عدالت نوازشريف کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏيڻ جو فيصلو ڏيندي حڪم ڏنو ته العزيزيه ريفرنس ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏنو. نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت ٿوري دير کان پوءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪنداسين. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ان کان اڳ نوازشريف غيرقانوني پلاٽ الاٽمينٽ ڪيس ۾ به اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي.

Read Previous

نيب جي نوٽيس جي ڪابه قانوني اهميت ناهي، هي پاڻ رشوت وٺندا آهن: مولانا فضل الرحمان

Read Next

نواز شريف ۽ آصف زرداري کي ٽيهه سالن کان سڃاڻان ٿو سندن مٿان الله جو عذاب آيل آهي: وزيراعظم

Most Popular