اسان جو مشن عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي: يوسف رضا گيلاني

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان جو مشن عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي.  اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جو مشن آهي. جڏهن ته پاڪستان ڊيموڪريتڪ موومينٽ0پي ڊي ايم) جو لاهور وارو جلسو به ڪامياب ٿيندو.  هن چيو ته مان جڏهن وزيراعظم هئس ته سڀني کان پهريان نظر بند ججز کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ مان مخالف ڌر کي اسيمبلي ۾ چيو هو ته اسان کي اوهان جي ضرورت آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان جي دور ۾ ڪوبه سياسي قيدي نه هو ۽ مان واحد وزيراعظم هئس جيڪو گڏيل طور تي چونڊجيو هئس. عمران خان ته چوندو هو ته جلسا ڪريو مان ڪنٽينر ڏيندس. ان کان اڳ يوسف رضا گيلاني ۽ ان جي پٽن شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ ان جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي. واضح رهي ته پي ڊي ايم جو 13 ڊسمبر تي مينار پاڪستان تي جلسو ٿيندو ۽ جلسي کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ مسلم ليگ(ن) لاهور شهر ۾ جلسن جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ مسلم ليگ(ن) طرفان لاهور جي سمورن قومي اسيمبلي جي حلقن ۾ جلسا ڪيا ويندا.

Read Previous

ايران ۾ عالمي ادارن کي جوهري ٺڪاڻن جي معائني کان روڪڻ جو قانون منظور

Read Next

”پاڪستان دهشتگردي جا ترديد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت پيش ڪري ڀارت کي بي نقاب ڪيو“

Most Popular