”پاڪستان دهشتگردي جا ترديد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت پيش ڪري ڀارت کي بي نقاب ڪيو“

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار ڪورونا وائرس بابت آگاهي مهم ۾ ميڊيا جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو آهي ته ميڊيا اربين رپين جي آگاهي مهم مفت ۾ هلائي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار هڪ آن لائن نيوز پورٽل ”گلوبل ويليج اسپيس“ کي انٽرويو ڏيندو چيو ته ڀارت جي رياستي دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڊوزيئر جا اهم نڪتا اجاڳر ڪيا، ان کان سواءِ هن ايل او سي صورتحال، سي پيڪ، ففٿ جنريشن وائر فيئر تي به ميجر جنرل بابر افتخارجي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ واري ڊوزيئر ۾ ثبوت سامهون آندا، ڀارتي رياستي دهشتگردي جي ثبوتن کي عالمي برادري گهڻو سنجيده ورتو آهي. سندس چوڻ هو ته ڊوزيئر سامهون اچڻ تي دنيا هاڻ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي تي ڳالهيون ڪري رهي آهي، سمورين ڀارتي ڪوششن جي باوجود عالمي فارمز  ۽ ميڊيائي ذريعن تي بحث شروع ٿيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته پرڏيهي کاتي ڊوزيئر کي پي 5 (سلامتي ڪونسل جي 5 مستقل ميمبر) کي پيش ڪيو، پوءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پيش ڪيو ويو، اسان هتي بيهندا نه، عالمي سطح تي ان سنگين معاملي کي وڌيڪ اڳتي کڻي وينداسين. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي دهشتگردي جي ترديد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت پيش ڪري دنيا جي آڏو ڀارت جو خراب چهرو بي نقاب ڪيو آهي. افغان امن عمل جي حوالي سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اسان افغان قيادت سان ان معاملي تي ڳالهيون ڪندا رهياسين، هڪ باقاعده ميڪنزم موجود آهي، پر صاف ٻڌايان ته اسان افغان حڪومت جي ڪيپيسٽي ايشوز کي قبول ڪيون ٿا، ان ڪري پاڪستان جي خلاف افغان سر زمين استعمال ٿيڻ تي افغان حڪومت تي وڌيڪ الزام نٿا هڻون. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارت افغان سر زمين کي استعمال ڪري سي پيڪ کي نشانو ٿو بڻائي، ڀارت وٽ دهشتگرد آهن، ڀارت سي پيڪ تي ڪم ڪندڙ چيني افرادي قوت ۽ مقامي ليبر کي نشانو بڻائيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انهن خطرن جي خلاف اسان مڪمل تياري ڪري رکي آهي، ۽ اسان چيلنجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، سي پيڪ جي سيڪيورٽي جي لاءِ خاص طور تي ڊويزن فورس جوڙي آهي، ان کان سواءِ اٺ نَوَ ريگولر رجمنٽس به راهداري جي حفاظت تي مقرر آهن. سندس چوڻ هو ته اسان جو چيني ڀائيوار سي پيڪ منصوبي جي سيڪيورٽي بندوبستن مان مطمئن آهي، سي پيڪ کي نقصان رسائڻ واري هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين، انشاءَ الله سي پيڪ هر ايندڙ ڏينهن سان گڏ ترقي ڪندو. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي ڳالهائيندي بابر افتخار ميڊيا جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته ميڊيا اربين رپين جي آگاهي مهم مفت ۾ هلائي. سندس چوڻ هو ته اين سي او سي ۾ فوجي ۽ سويلين مضبوط نمائندگي آهي، اِهو تجربو سٺو رهيو، اسمارٽ لاڪ ڊائون يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوجي جٿا مقرر ڪيا ويا جڏهن ته وبا کي منهن ڏيڻ واري حڪمت عملي ۽ فيصلن ۾ فوج جي آءِ ٽي سسٽمز جو فائدو کنيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڪورونا جي پهرين لهر ۾ جيڪي خاميون سامهون آيون، انهن کي هنگامي بنيادن ۾ پري ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪيا ويا، انهيءَ سبب ٻي لهر ۾ اسان جي تياري پهرين لهر جي ڀيٽ ۾ سٺي رهي. هن چيو ته اسان ڪورونا جي ٻي لهر جو بهتر نموني مقابلو پيا ڪيون ۽ ان حوالي سان فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز کي خاص طور ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.  ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڪورونا جي ٻي لهر ۾ اسان سڀ کي وڌيڪ احتياط ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Read Previous

اسان جو مشن عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي: يوسف رضا گيلاني

Read Next

ريا چڪربورتي وڏين وڏين اداڪارائن کي مات ڏئي ڇڏي

Most Popular