ريا چڪربورتي وڏين وڏين اداڪارائن کي مات ڏئي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ريا چڪربورتي باربي ڊول ڪترينا ڪيف ۽ سارا علي خان کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.بالي ووڊ ڊرگز ڪيس ۾ گرفتار ۽ ضمانت تي آزاد ٿيل ريا چڪربورتي سرچ انجڻ ياهو جي مقبوليت ۾ ڪترينا ڪيف، دپيڪا پڊوڪون، سارا علي خان ۽ سني ليون جهڙين فنڪارائن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.سرچ انجڻ ياهو سال 2020ع ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪئي ويندڙ بالي ووڊ فنڪارائن جي لسٽ جاري ڪئي آهي.ان لسٽ ۾ بالي ووڊ اداڪارائن ۾ وڏا نالا ڪترينا ڪيف، سارا علي خان، پريانڪا چوپڙا ۽ دپيڪا پڊڪون به ٽاپ پوزيشن ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيا.لسٽ ۾ هلندڙ سال ڊرگز اسڪينڊل ۾ گرفتار ريا چڪربوتي اڳڀري آهي.ياهو موجب هلندڙ سال جنهن اداڪارا کي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيو ويو، ان ۾ ريا چڪربورتي پهريون نمبر آهي.

Read Previous

”پاڪستان دهشتگردي جا ترديد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت پيش ڪري ڀارت کي بي نقاب ڪيو“

Read Next

پاڪستان آءِ سي سي سپر ليگ رينڪنگ ۾ ڀارت کي پوئتي ڇڏي ڏنو

Most Popular