نوشهروفيروز: ايس ٽي پي جا ڪارڪنن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز(ڊ ر(  سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع نوشھروفيروز طرفان شھيد الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف ضلعي ايس ٽي پي جي ضلعي صدر اصغر بليدي، حبيب مشوري۔ محمود اعواڻ، اقبال راڄپر، حميد پهنور، امجد راڄپرجي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ٽي پي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي بيدردي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر ان جي قاتلن کي هن مهل تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو. الطاف جسڪاڻي سنڌ جو آواز ھو سندس قتل سنڌ دشمن منصوبن خلاف سندس طرفان ڪيل جدوجھد کي روڪڻ جي سازش آھيي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي کي بيگناه قتل ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي.

Read Previous

نوشهروفيروز: عرب ڪالوني جي رهواسين پاران پلاٽ تي قبضي ۽ وڪيل جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

ڀان سيدآباد : شهر جي باء پاس روڊ تي قائم الرحمان ميڊيڪل اسپيشلٽي اسپتال ۾ غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاء مفت ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي

Most Popular