لاڙڪاڻي شهر ۾ سنڌ جي ايڪتا ڏينهن ۽ معذورن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان گونگن ٻوڙن اسپيشل نوجوانن ميونسپل اسٽيڊيم لا ڪاليج وٽ پنهنجي آفيس ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر ۾ سنڌ جي ايڪتا ڏينهن ۽ معذورن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان  گونگن ٻوڙن اسپيشل نوجوانن ميونسپل اسٽيڊيم لا ڪاليج وٽ پنهنجي آفيس ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي. جنهن ۾ لاڙڪاڻو دي ڊيف ايسوسيئيشن سنڌ جي اڳواڻن پنهل خان سانگي، اشفاق علي لغاري، خليل الرحمان عباسي، فقير رفيق مغيري، شفيق احمد جتوئي، مھتاب احمد جماراڻي،ذيشان احمد مغيري، شيراز احمد مغيري، بل رام داس، شهزاد علي لغاري، زبير انڙ، پپو دستي، حبيب الله کوکر، جنيد سومرو، وحيد شيخ، غلام محمد سهتو ۽ ٻين پنهنجي مخصوص انداز اشارن جي زبان ذريعي چيو ته وفاقي عمران خان جي حڪومت توڙي صوبائي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت اسان گونگن ٻوڙن لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهي آهي جنهن ڪري هاڻي اسان 3 ڊسمبر معذورن جي عالمي ڏهاڙي تي سدائين مايوسي جو شڪار رهون ٿا ۽ اسان مان هاڻي اڪثر گونگا ٻوڙا اهو ڏينهن نه ملهائڻ لاءِ چوندا رهن ٿا. ڇاڪاڻ ته عالمي ڏينهن تي به گونگن ٻوڙن کي ڪو به ريليف نٿو ملي رڳو اخبارن ۾ اشتهار ڏنا وڃن ٿا.

Read Previous

خيرپور: خيرپور ۾ نوجوانن اسڪائوٽس جو پروگرام ٿي گذريو

Read Next

لاڙڪاڻي شهر جي غريب مقام پاڙي ۾ گذريل پهرين ڊسمبر جي ڏينهن نوجوان وقار علي جانوري جو لاش مليو هو

Most Popular