لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي مظاهرين پاران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي علي ڏنو شيخ، محمد عاقل جتوئي، علي ڏنو گاد، حاڪم ڪلهوڙو، محمد مٺل ڀٽو، محمد ايوب قريشي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان سال 2009ع دوران تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪئي پر تعليم کاتي جي آفيسرن، ڪلارڪن ۽ سياسي عهديدارن ڇڙواڳي جو مظاهرو ڪري پئسن ۽ پنهنجا نوازي تحت جعلي ڀرتيون ڪري اسان حقدارن کان زبردستي اسان جا نالا ويٽنگ لسٽ ۾ رکي خاطري ڪرائي وئي ته ايندڙ ڀرتين ۾ آرڊر ڏنا ويندا جنهن کان پوءِ هن وقت تائين آرڊر ڪو نه ملي سگهيا آهن. هن چيو ته سال 2012 ۽ 2018ع ۾ به تعليم کاتي ۾ ڀرتيون ٿيون حيرت جي ڳالهه آهي ته 2018ع دوران فيل ٿيل اميدوارن کي 50 کان وڌيڪ مارڪون ڏئي آرڊر جاري ڪيا ويا جڏهن ته اسان 60 کان 85 سيڪڙو مارڪن وارن کي پلس پي ٽي سي، ڪمپيوٽر ڪورس ۽ بي ايڊ، ايم اي جون ڊگريون هئڻ جي باوجود ڀرتي نه ڪيو ويو. هنن سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جا آفر آرڊر ڏئي روزگار فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر جي غريب مقام پاڙي ۾ گذريل پهرين ڊسمبر جي ڏينهن نوجوان وقار علي جانوري جو لاش مليو هو

Read Next

سانگهڙ جي باکوڙو روڊ تي ٻه ڏينهن اڳ عبدالمجيب نظاماڻي تي ٿيل تشدد واري خبرن جو ايس ايس پي سانگهڙ عثمان غني صديقي نوٽيس وٺي

Most Popular