راڻيپور جي ڳوٺ محمد بچل شاهاڻي ۾ ڦر ڪيس اندر گهربل جوابدار مٿان پوليس جي چڙهائي مزاحمت متاثرن جو احتجاج چوڏهن ماڻهن مٿان مقابلي جو ڪيس داخل گرفتاري عمل ۾ نه آئي

راڻيپور جي ڳوٺ محمد بچل شاهاڻي ۾ ڦر ڪيس اندر گهربل جوابدار مٿان پوليس جي چڙهائي مزاحمت متاثرن جو احتجاج چوڏهن ماڻهن مٿان مقابلي جو ڪيس داخل گرفتاري عمل ۾ نه آئي  رپورٽ موجب:راڻيپور جي ڳوٺ محمد بچل شاهاڻي ۾ ڦر ڪيس اندر گهربل جوابدار امجد شاهاڻي جي گهر مٿان وڏي نفري پوليس جي چڙهائي جنهن کانپوء متاثر گهر ڌڻين احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته گمبٽ پوليس ايس ايڇ او عبدالجبار ميمڻ جي اڳواڻي ۾ بيگناه چڙهائي ڪئي عورتن ٻارن مٿان پڻ تشدد ڪيو ويو سامان جي ڀڃ ڊاھ سميت روڪ رقم ,سونا زيور ۽ زرعي ڀاڻ جون ٻوريون ڦرلٽ ڪيون آهن ۽ ٻه ماڻهون کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيا آهن  هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او گمبٽ عبدالجبار ميمڻ ٻڌايو ته گهربل جوابدار ڦر ۾ ملوث هيو جنهن کي گرفتار ڪرڻ لاء پوليس سرچ آپريشن ڪيو ته جوابدارن مزاحمت ڪئي ۽ فائرنگ ڪري جوابدار به زوري کڻي فرار ٿي ويا هوڏانهن راڻيپور پوليس ايس ايڇ او عبدالجبار جي فرياد تي گناه نمبر 128 2020قلم  324,353,224,225,147,148,149,186 تحت چوڏهن ماڻهن مٿان ڊيوٽي اٽڪاء ۽ پوليس مقابلي جو پڻ ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن ۾ رٽائرڊ سيپڪو ملازم فيروز شاهاڻي سندس پٽ پوليس اهلڪار احمد علي شاهاڻي ,ماجد علي ,امجد علي ۽ ڏھ اڻسڃاتل سميت چوڏهن جوابدار شامل آهن پوليس موجب ته ڪنهن به ماڻهون جي گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي

Read Previous

رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ قيوم قريشي جو جي ايم خانا لڳ پيٽرول کي پمپ حد دخليون ڄاڻاءي سيل ڪري ڇڏيو

Read Next

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم قبضن هٽائڻ جي آڙ ۾ سنڌ جي ماڻهن کي بي گهر ڪيو پيو وڃي : ف ليگ

Most Popular