سانگهڙ: سماجي تنظيم ايم ڊي ايف يورپي يونين ۽ آڪسفيم جي تعاون سان ڳوٺ ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي حوالي سان 16جاگرتا مهم

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سماجي تنظيم ايم ڊي ايف يورپي يونين ۽ آڪسفيم جي تعاون سان ضلع سانگهڙ ۾ هلندڙ پروجيڪٽ وومين ليڊر شپ ان پبلڪ لائف ان سنڌ ۾ يو سي مياڻ جي ڳوٺ پادري جو ڳوٺ ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي حوالي سان 16 ڏينهن جي جاگرتا مهم جي سلسلي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ فرينڊس آف وومين امپاورنمٽ گروپ جي ميمبرن ۽ ڳوٺاڻن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. هن موقعي تي مهمان خاص وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ضلع آفيسر ميڊم حنا خان چيو ته هر سال 25 نومبر کان 10 ڊسمبر تائين عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي حوالي سان جاگرتا مهم شروع ڪئي ويندي آهي هن چيو عورتن ۾ ڄاڻ ۽ شعور نه هجڻ ڪري عورت تشدد کي تشدد نه ٿي سمجهي تشدد جا مختلف قسم آهن ذهني تشدد ۽ جسماني تشدد کان علاوه عورت کي تعليم نه ڏيارڻ صحت جون سهولتون فراهم نه ڪرڻ به تشدد جي زمري اچي ٿو. هن وڌيڪ پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو عورتن جي ترقي وارو کاتو عورتن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ڪم ڪري ٿي رياست طرفان ننڍي عمر ۾ شادي۽ عورتن تي تيزاب اڇلائڻ خلاف بل پاس ٿيل آهي قانون ۾ ان جي سزا مقرر ٿيل آهي ڊپارٽمينٽ ۾ شڪايتي مرڪز پڻ موجود آهي. مانيٽرنگ آفيسر نويد خيال چيو
ته عورتن جي آبادي ڪل آبادي جو اڌ کان وڌيڪ آهي جيڪو زياده تر بنيادي انساني حقن کان محروم آهن جيستائين عورت کي معملات زندگي ۾ اڳيان نه آندو ويندو تيستائين سماج ۾ ترقي ممڪن نه آهي. تنوير جمالي چيو ته عورتن ۾ اڳواڻين جو صلاحيتون اجاگر ڪرڻ لاءِ هي پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي عورتن جي شموليت کان سواءِ سماج ۽ ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. گروپ جي صدر محترمه مريم سليمان چيو ته اسان کي پنهنجي حقن جو شعور نه هيو هن پروجيڪٽ جي تحت اڳواڻي جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيو ۽سڀ پاڻ ۾ متحد ٿيا آهيون. سيمينا ميمڻ چيو ته عورتن کي پنهنجي حقن جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو ۽ پنھنجي مسئلن لاءِ حڪومتي ادارن کي سڄاڳ ڪرڻو پوندو. ۽ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا.

Read Previous

رسگاهون يونيورسٽيون هجن ، ڪاليج هجن يا اسڪول هجن اهي سڀ شاگردن لاءِ ايئن آهن آهن جيئن اولاد لاءِ ماءُ جي هنج هوندي آهي : ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل نينگر غلام مصطفيٰ ڀٽو جي خون سان انصاف لاءِ وارثن ۽ پي پي پي شهيد ڀٽو طرفان عرضي ڀٽو کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular