لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل نينگر غلام مصطفيٰ ڀٽو جي خون سان انصاف لاءِ وارثن ۽ پي پي پي شهيد ڀٽو طرفان عرضي ڀٽو کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل نينگر غلام مصطفيٰ ڀٽو جي خون سان انصاف لاءِ وارثن ۽ پي پي پي شهيد ڀٽو طرفان عرضي ڀٽو کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي نينگر جي چاچي علي ڏنو ڀٽو ۽ مامي گلزار پي پي پي شهيد ڀٽو جي اڳواڻن برڪت علي ميراڻي، شفيع محمد ڀٽو، محمد رمضان رند، غلام مير بروهي، لالو سرهيو سميت ٻين سان گڏجي دانهيو ته گذريل 2 سال فيبروري جي ڏينهن ڪورونا لاڪ ڊائون دوران ڀائيٽو غلام مصطفيٰ پنهنجي ماروٽ نادر سان گڏجي راند کيڏي رهيو هو جنهن کي حيدري ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن ڪامران گاد ۽ نادر ڀٽو لٺيون هڻي تشدد جو نشانو بڻايو جيڪو بعد ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿيو جنهن کان پوءِ اسان حد جي علي گوهر آباد ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ وياسين پر پوليس ايف آءِ آر داخل نه ڪئي ان بعد اسان عدالت ۾ درخواست داخل هئي ۽ عدالتي حڪم تي 10 فيبروري جي ڏينهن پوليس اهلڪارن ڪامران گاد ۽ نادر ڀٽو مٿان اهڙي ايف آءِ آر داخل ٿي ان وقت ايس ايس پي مسعود احمد بنگش ٻنهي اهلڪارن کي ڪوارٽر گارڊ ڪرڻ بعد ڇڏي ڏنو جيڪي هن وقت آزاد آهن جڏهن ته ٻه مهينا اڳ غلام مصطفيٰ جي قبرڪشائي ٿي هئي جنهن جي رپورٽ ۾ تشدد جو ڪو به ذڪر ناهي ان مان ثابت آهي ته ڊاڪٽر ۽ پوليس قاتلن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن جنهن ڪري خدشو آهي ته ڀائيٽي جو خون رائيگان ويندو. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نينگر غلام مصطفيٰ ڀٽو جي قتل ۾ ملوث سمورن اهڪارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

Read Previous

سانگهڙ: سماجي تنظيم ايم ڊي ايف يورپي يونين ۽ آڪسفيم جي تعاون سان ڳوٺ ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي حوالي سان 16جاگرتا مهم

Read Next

سنجهورو ٿاڻي جي حد چڪ 22 جمڙائو دم واھ جي ڀر ۾ هڪ نامعلوم شخص جو لاش ھٿ

Most Popular