خيرپور : ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻٻرلوءِ کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ ) ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻٻرلوءِ کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي ضلعي صدر امداد سنڌي، سعيد جتوئي، منظور علي پلهه، ولي محمد مستوئي، بابر مستوئي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي کي ٻيٽن جي مالڪي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ايم ڪيو ايم جي بااثر ڏوهارين اسلم رند ساٿين سميت گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو وڃي ٿو، پر اسين کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جا وارث سنڌ ڌرتيءَ تان قربان ٿيڻ لاءِ موجود آهن، هنن چيو ته سنڌ پوليس الطاف جسڪاڻي جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي سنڌ پوليس جي مجرماڻه خاموشي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهي آهي، جنهن جي خلاف اسان هرگز خاموش نه ٿينداسين، هنن چيو ته جيسيتائين الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي انجام تائين نه پهچائينداسين، سک جو ساهه نه کڻنداسين، هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ انجام تائين پهچايو وڃي، ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

خيرپور: گمبٽ شهر مان اغوا ٿيل نوجوان ناريءَ جو پتو نه پيو، امڙ جو خيرپور احتجاج

Read Next

پنوعاقل : ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينون تي قبضا مافيه خلاف آپريشن جاري

Most Popular