نوابشاهه: معذور نوجوان پاران معذوري ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ معذور نوجوان پاران معذوري ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نوابشاھه پريس ڪلب ٻاهران سائينداد مري، نور علي بروهي، علي احمد بھراڻي، قلندر بخش لنڊ، اعجاز چانڊيو، مدد علي بروھي، راھد ڇٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏھن ته احتجاجي مظاهري ۾ پ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن ارشاد خاصخيلي، مختيار سنڌي، ارشاد مغيري ۽ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته گذريل ڏھن سالن اسان معذوري ڪوٽا تي مختلف ادارن ۾ سرڪاري نوڪري لاءِ درخواستون جمع ڪرائي چڪا آھيون ليڪن اسان کي اڃان تائين پنھنجو حق نٿو ملي، ھنن چيو ته ضلعي جا آفيسر پنھنجي من پسند ماڻهن کي نوڪريون جا آرڊر ڏئي اسان جي حق تي ڌاڙو ھنيو آھي، ھنن چيو ته اسان سڀئي پڙھيل لکيل آھيون ليڪن اسان کي پوءِ به معذوري ڪوٽا تي نوڪريون نٿي ڏني وڃي جيڪا اسان جا ناانصافي آھي، ھنن چيو ته اسان ھن وقت بيروزگار آھيون ۽ پنھنجي ٻچن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون، ھنن چيو ته معذوري ڪوٽا تي عمل وارو سنڌ اسيمبلي مان بل به منظور ٿي چڪو آھي ليڪن پوءِ به اسان کي نوڪري نٿي ڏني وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته معذوري ڪوٽا تي عمل ڪري اسان کي سرڪاري نوڪري ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رھندو

Read Previous

حيدرآباد پاران 6 ڊسمبر 2020ع تي سنڌ منهنجي جند جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏھاڙي جي آجيان

Read Next

کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ نڪتل سنڌ سڀا جو پيادل مارچ نوابشاهه پھچڻ بعد 12ڪلاڪ ڌرڻو هنيو

Most Popular