کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ نڪتل سنڌ سڀا جو پيادل مارچ نوابشاهه پھچڻ بعد 12ڪلاڪ ڌرڻو هنيو

نوابشاهه(ڊ ر) کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ نڪتل سنڌ سڀا جو پيادل مارچ نوابشاهه پھچڻ بعد 12ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ، ان موقعي تي کنڀي گم ڪيلن جي وارثن نوابشاهه پريس ڪلب سامھون سنڌ سڀا صدر سنڌي انعام ڳالهائيندي چيو ته 25 ڏينهن کان اسان جيڪو پنڌ ڪيو آهي اهو اجايو ناهي ويو، 10 نومبر کان هن وقت تائين 15 وڌيڪ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي، نواب شاھ واسين وٽ اهو پيغام کڻي آيو آهيون ته اسان کي قوم جون حمايتون گهرجن ٿيون ڇو جو ايندڙ وقت انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي ان لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻي پوندي نه ته اسان جي ڌرتيءَ به کنڀجي ويندي، سنڌ سڀا اڳواڻ ڊاڪٽر نڊير کوکر، نور باگڙي چيو ته اسان جو تمام سادو مطالبو آهي ته جيستائين کنڀيل آزاد نه ٿيندا اسين جدوجهد جاري رکنداسين، سندو امان چانڊيو چيو ته رياست پنهنجي آئين ۽ قانون تي پاڻ عمل ڪري ته مسنگ پرسنز جو مسئلو حل ڪري سگهي ٿي، رزاق عاصي چيو ته لانگ مارچ هڪڙو ئي مطالبو آهي ته کنڀيل پيارا آزاد ڪيا وڃن، عاقب چانڊيو جي امڙمختیار بيگم، چانڊيو ڀيڻ شازيه چانڊيو چيو ته عاقب سميت کنڀيل قومي ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن، گم ڪيل ڊاڪٽر فتح محمد کوسي جي پٽ نصيب کوسي، کنڀيل ايوب ڪانڌڙي جي پٽ ساجد ڪانڌڙي، نسيم بلوچ جي مڱيندي حاني بلوچ، فيصل آرائين جي امڙ بشيران، لالا عمران جي ڀاءُ عرفان چاچڙ، جبار سرڪي جي ڀاءُ ڪريم سرڪي ۽ ٻين چيو ته اسان جي پيارن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، جڏھن ته ان موقعي تي سيد ناصر شاھ، جساف آزاد اڳواڻ ذاڪر سهتو، آزاد سومرو، جسقم جي ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، ايس ٽي پي جي انيلا رفيق ملاح، پ پ پ شھيد ڀٽو جي ارشاد خاصخيلي، مختيار سنڌي ۽ ٻين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

Read Previous

نوابشاهه: معذور نوجوان پاران معذوري ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

Read Next

دادو: جوهي ٿاڻي جي حد D3 شاخ وٽ پيرسن شخص جو 3 ڏينهن پراڻو لاش ھٿ آيو آھي

Most Popular