سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ثقافتي ڏهاڙو عيد جيان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي : سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي اڄ ثقافتي ڏهاڙو عيد جيان ملهائي رهيا آهن.سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌي عوام تاريخي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ريليون ڪڍي رهيو آهي.ان سلسلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور، گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، نوابشاهه، مٽياري، ڄامشوري، ٽنڊي محمد خان، ٺٽو، بدين، دادو، مورو، نوشهري فيروز، ميرپورخاص، ٽنڊي الهيار سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڌرتيءَ ۽ ثقافت سان محبت رکندڙن ريليون ڪڍي قومي گيتن تي رقص ڪيو، جنهن ۾ ننڍن توڙي وڏن شرڪت ڪئي.ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪراچي شهر جي ڪيترن ئي علائقن کي رنگ برنگي اجرڪن سان ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي ۽ سڄي شهر ۾ هر هنڌ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا گيت گونجي رهيا آهن.ثقافتي ڏهاڙو نه رڳو سنڌ پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي ملهائي رهيا آهن ۽ ريلين، تقريبن ذريعي ثقافت کي اجاڳر ڪيو پيو وڃي، ان سان گڏوگڏ سنڌ ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ دعائون پڻ گهريون پيون وڃن.

Read Previous

سجاول: پوري دنيا وانگر سجاول ۾ به سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙو وڏي خوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

Read Next

ايران سان جوهري معاهدو بحال ڪرڻ کان اڳ آمريڪا عرب ملڪن سان صلاح ڪري:سعودي عرب

Most Popular