پي سي بي نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي لاءِ ارڙنهن رانديگرن تي ٻڌل قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ جي خلاف ٽي 20 لاءِ 18  رانديگرن تي ٻڌل قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ٽيم جي اڳواڻي بابر اعظم ۽ نائب ڪپتان شاداب خان ڪندا. سرفراز احمد ۽ حسين طلعت جي ٽي 20 اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي. محمد رضوان، حيدر علي، محمد حفيظ، افتخار احمد، خوشدل شاهه، حسين طلعت، محمد حسنين، حارث رئوف، شاهين آفريدي، عثمان قادر، وهاب رياض، فهيم اشرف، عماد وسيم ۽ عبدالله شفيق به اسڪواڊ ۾ شامل آهن. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ٽي 20 سيريز جي شروعات 18 ڊسمبر کان ٿيندي.قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق ٽيم جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ چيو ته ڪرڪيٽ جون سرگرميون بحال رکڻ ۾ پاڪستاني رانديگرن جو ڪردار اهم آهي. نيوزيلينڊ جي قانون رانديگرن کي ذهني ۽ جسماني طور تي متاثر ڪيو آهي.آئسوليشن جو مدو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه بهتر ٿي ويندو. نيوزيلينڊ جي خلاف 4 ڏينهن واري ميچ لاءِ 16 رانديگرن تي ٻڌل ٽيم جو به اعلان ڪيو ويو آهي.ٽيم جو ڪپتان روحيل نذير هوندو. عمران بٽ، امام الحق، ذيشان ملڪ، شان مسعود، عابد علي، اظهر علي، ياسر شاهه، سهيل خان، عماد بٽ، حارث سهيل، فواد عالم، محمد عباس، ظفر گوبر، نسيم شاهه، دانش عزيز به ٽيم ۾ شامل آهن. پاڪستاني شاهين ۽ نيوزيلينڊ اي جي خلاف 4 ڏينهن وارا ميچ 17 ڊسمبر کان شروع ٿيندا.

Read Previous

سوشل ميڊيا تي تنقيد کان پوءِ اداڪاري ۽ ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو: ماوره حسين

Read Next

پنڪچر واري جي نالي تي اربين روپين جي کنڊ خريد ۽ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

Most Popular