وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ واسين کي واڌايون

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي ثقافت واري ڏهاڙي تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌ جي عوام کي واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن پنهنجي ثقافت سان محبت ۽ ٻين جي ثقافت جو احترام جو ڏينهن آهي.وزيراعليٰ هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي ثقافت واري ڏهاڙي تي سنڌ جي عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته  سنڌ صوبو دنيا جي خوبصورت تهذيبن جو مرڪز آهي.اسان کي فخر آهي ته اسان سنڌ ڌرتي تي پيدا ٿيا آهيون. اڄوڪو ڏينهن پنهنجي ثقافت سان محبت ۽ ٻين جي ثقافت جي احترام جو ڏينهن آهي.هن سنڌ جي عوام کي درخواست ڪئي ته اچو ته اڄ پنهنجي زبان ۽ پنهنجي روايت کي اجاگر ڪرڻ جو عهد ڪريون.اسان پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي سان تمام گهڻي محبت ڪريون ٿا.

Read Previous

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ: حيدرآباد ۾ سڀاڻي کان اسمارٽ لاڪ ڊائون جو اعلان

Read Next

سيوهڻ: ڳنڀير پوري سنڌ جيان اڄ ڀان ۾ به سنڌ ثقافتي ڏهاڙي ملهايو ويو

Most Popular