سنڌ جي ٻين شھرن جيان سکر ۾ به سنڌي ثقافت جو ڏينهن جوش جزبي سان ملهايو ويو صبح ٿينديئي مختلف برادرين سميت سياسي۔سماجي ۔واپاري تنظيمن ۽قوم پرست جمائتن طرفان ريليون ڪڍي

سکر(رپورٽ ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سنڌ جي ٻين شھرن جيان سکر ۾ به سنڌي ثقافت جو ڏينهن جوش جزبي سان ملهايو ويو صبح ٿينديئي مختلف برادرين سميت سياسي۔سماجي ۔واپاري تنظيمن ۽قوم پرست جمائتن طرفان ريليون ڪڍي سکر پريس ڪلب روڊ تي منعقد ڪيل مک تقريب ۾ شامل ٿيون شھيد دودو سومرو ويلفيئر آرگنائيزيشن پاڪستان سکر ڊويزن پاران ايوب گيٽ کان صوبائي اڳواڻ نظام الدين سومرو جي اڳواڻي ۾۔پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل۔سکر ابڙا اتحاد جي ريلي سراج احمد ابڙو جي قيادت ۾ ۔پاڪستان عوامي پارٽي وقار سومرو۔سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ريلي قيادت عيدن جاڳيراڻي جي قيادت ۾ ۔جيئي سنڌ تحريڪ۔جسقم۔ٻرڙا اتحاد سکر ۔عوامي تحريڪ ۔سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻي وحيد کوسو ۔واحد کوسو ڪئي۔سکر ڊولپمنٽ الائنس جي ريلي حاجي جاويد ميمڻ ۽غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو ڪئي۔ڀٽاويلفيئر ۽ سکر جي سول سوسائٽي جي وڏي انگ ثقافتي ڏينهن ملهايو ثقافتي ڏينهن تي نوجوان۔پوڙھا۔ٻارڙا۔ ثقافتي اجرڪ جي ٺھيل ڊريسون۔اجرڪ۔ٽوپي ۽ پٽڪا ٻڌي خوشيون ملهائيون جڏهن ته پريس ڪلب روڊ تي ٺاهيل اسٽيج تي مڪامي ڳائڻن سنڌ جا گيت ڳائي پنڊال کي جهومائي ڇڏيو نوجوا سنڌي گيتن جي ڌن تي جهمريون به هڻندا رهيا ان موقعي تي ريلين کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان لاء عيد جي خوشين کان گهٽ ڏينهن ناهي سنڌي ثقافت هزارين سال دنيا جي واحد ثقافت آھي جنهن تي اسان کي فخر آھي سنڌ جي ٻيٽن سميت معدني وسيلن کي بچائڻ لاء گڏجي گڏيل جدوجهد جي ضرورت آھي صبح کان جاري پروگرام ۽ ريليون رات ديرتائين جاري رهيو

Read Previous

ڄوڪي نفسا نفسي واري دور ۾ جتي ماڻھو صرف پنهنجن مفادن يا پريشانين ۾ هجن اتي جيڪڏھن ڪو مخلص ماڻھو پيدا ٿي پوي ته اهو ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي ان ڪري اسين سمجهون ٿا

Read Next

ڳڙھي خيرو:پوري سنڌ جيئان ڳڙھي خيرو ۾ به سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن ملهايو ويو,قومي عوام تحريڪ پاران شاندار ريلي ڪڍي وئي, ڪراچي سنڌ آھي ۽ هڪ سنڌ هڪ ثقافت جا نعرا لڳايا ويا

Most Popular