ڳڙھي خيرو:پوري سنڌ جيئان ڳڙھي خيرو ۾ به سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن ملهايو ويو,قومي عوام تحريڪ پاران شاندار ريلي ڪڍي وئي, ڪراچي سنڌ آھي ۽ هڪ سنڌ هڪ ثقافت جا نعرا لڳايا ويا

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)پوري سنڌ جيئان ڳڙھي خيرو ۾ به سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن ملهايو ويو,قومي عوام تحريڪ پاران شاندار ريلي ڪڍي وئي, ڪراچي سنڌ آھي ۽ هڪ سنڌ هڪ ثقافت جا نعرا لڳايا ويا.تفصيل موجب پوري سنڌ جيئان ڳڙھي خيرو ۾ به سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن ملهايو ويو,جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سويرا پبلڪ اسڪول سميت شهرين پاران شاندار ريلي ڪڍي وئي, جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ استادن ۽ شاگردن, سياسي سماجي سان گڏوگڏ مختلف يونينز جي ڪارڪنن به شرڪت ڪئي, ريلي جي شرڪاء شهر جي مخلتف رستن کان ٿيندي دوداپور ناڪي تي پهتا ۽ جلسي جي صورت اختيار ڪئي جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جبار سنڌي, استاد اڳواڻ استاد ارشاد علي بروهي ڳڙھي خيرو پريس ڪلب جي چيئرمين غلام مصطفي جمالي, صدر حسين بخش جمالي, ساگر ڀٽي اسدالله حيدري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت ڪيترائي سال قديم ۽ تاريخي آھي سنڌ ۾ هر غيرتمند شخص سنڌي آھي ۽ اڄ جي ريلي واضح ثبوت ٿي ڏئي ته اسان سنڌ ڌرتي ماء ۽ ٽوپي اجرڪ يعني ثقافتي رنگن سان بيحد پيار ڪندا آهيون انهن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سنڌ آھي ۽ ڪراچي کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کان الڳ ٿيڻ نه ڏينداسين, سنڌ جا ٻيٽ سنڌ سنڌ جي ئي ملڪيت آھن ۽ وفاق جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين, سنڌ لاء ٿيندڙ هر سازش کي ڀرپور طريقي سان ناڪام بڻائيداسين ۽ سنڌ کي هڪ ڀيرو ٻيهر باب الاسلام بڻائڻ ۾ پنهنجي ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين.

Read Previous

سنڌ جي ٻين شھرن جيان سکر ۾ به سنڌي ثقافت جو ڏينهن جوش جزبي سان ملهايو ويو صبح ٿينديئي مختلف برادرين سميت سياسي۔سماجي ۔واپاري تنظيمن ۽قوم پرست جمائتن طرفان ريليون ڪڍي

Read Next

روزاني آس سميت سمورن سنڌي اخبارن توڙي ٽي وي چينلن پاران سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو ” سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت “ جي نانءُ سان انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

Most Popular