نوشهروفيروز: يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت تعلقي ڀريا پاران ڳوٺ کاھي ممن ۾ ھر سال وانگي ھن سال به ٻن ڏينھن جي مفٿ اکين جي آپريشن جي ڪئمپ ماھر سرجن ڊاڪٽر سيد آصف شاھ جي نگرانيءَ ۾ ٿي

نوشهروفيروز(ڊ ر) يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت تعلقي ڀريا پاران ڳوٺ کاھي ممن ۾ ھر سال وانگي ھن سال به ٻن ڏينھن جي مفٿ اکين جي آپريشن جي ڪئمپ ماھر سرجن ڊاڪٽر سيد آصف شاھ جي نگرانيءَ ۾ ٿي گذري جڏھن ته سندس ٽيم ۾ ڊاڪٽر رئيس ۽ ڊاڪٽر رب منصور شامل ھئا جنھن فيڪو مشين ذريعي اعليٰ ڪوالٽي جي لئنسز استعمال ڪري 563 مريضن جا آپريشن ڪيا ويا ان موقعي تي ڪئمپ جي سرواڻ حنيف جانو منير احمد ميمڻ حاجي اعجاز سولنگي مشتاق علي ميمڻ صابر حسين فيروز علي صفدر عباس ۽ ٻين چيو ته ھر سال جيان ھن سال به کاھي ممن کانسواءِ ڀريا روڊ اٽل ٻوھيو ۽ گهيڙگجو ۾ او پي ڊي ڪئمپ ٿي گذري جتان مريضن کي کاھي ممن آندو ويو جتي سندن اکين جا آپريشن ڪيا ويا ڪئمپ ۾ آيل مريضن کي کاڌو بسترو ۽ دوائون پڻ مفت ۾ ڏنيون ويون.

Read Previous

نوشهروفيروز: ڳوٺ مولاداد مري جي رهواسين پاران گهرن تي چڙهائي ڪري 4 ڄڻن کي بيگناهه زخمي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

احساس ڪفالت پروگرام تحت غريب عورتون ۽ ٻارڙن جي سهائتا لاءِ ٻارنهن هزار روپيه امداد ڏيڻ واري سينٽرن تي رش

Most Popular