ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت جي عنوان ھيٺ ثقافتي ريلي

ميھڙ رپورٽر(ميربابا)ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت جي عنوان ھيٺ ثقافتي ريليميھڙ ۾ ايڪتا ثقافتي ريلي سنڌي ميڊيا جي سڏ تي ايواني صحافت جي اڳواڻ آزاد انور ڪانڌڙو . پريس ڪلب ميھڙ جي صدر نياز ڀٽي . سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جي صدر ايم ڊي منير لاشاري . نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صدر عبدالرحمان قمبراڻي . ڀٽائي پريس ڪلب ميھڙ جي صدر بابو عبدالله سومرو . مھراڻ ٽي وي جو عيوضي رياض چانڊيو . سنڌ ٽي وي جو عيوضي جاويد سومرو .جميل احمد مھيسر .ساجد علي چانڊيو .باني الاھي بخش چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ ٻيٽو چونڪ دعا جي ھٿن کان ريلي ڪڍي وئي ريلي م مختلف تنظيمن جي اڳواڻن مذهبي اڳواڻن ء وڏي انگ ۾ شھرين واپارين شرڪت ڪئي .ريلي راڌڻ روڊ کان ٿيندي ميھڙ گھنٽاگھر چونڪ اسٽيج تي پھتي اسٽيج کي پينافليڪس لڳائي سينگاريو ويو ھو .سنڌ ٽوپين اجرڪن سان جرڪي پئي ريلي مٿان وک وک تي گلن جي ورکاء شاندار استقبال ٽوپي اجرڪ جا نعرہ سنڌ جي ثقافت زنده باد جا نعرهگھنٽاگھر چونڪ تي صحافين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن انھن کي ڪڏهن به وڪرو ڪرڻ نہ ڏينداسين اسان سنڌ جا وارث آهيون . ٽوپي اجرڪ سنڌ جي ثقافت ھزارين سال پراڻي آهي انھي کي زنده رکڻ لاءِ سنڌي ميڊيا ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي .اڄ روڊن رستن تي سنڌ جا رهواسي ٽوپيون اجرڪ پائي ريلي م اچي دنيا کي پيغام ڏنو آهي ته سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ وارا سنڌي ثقافت کي وساري نٿا سگھن اسٽيج تي ٽبلا پيش ڪيا ويا ء فنڪارن سنڌي گيت ڳائي جھومائي ڇڏيو ان موقعي تي ايواني صحافت ء سچوا طرفان ايوارڊ ڏنا ويا .ريلي ۾ سنڌ پريس ڪلب ميھڙ جو فيصلہ ڪاميٽي چيئرمين عاجز اصغر سوڍر . سرپرست اعلي فيض پنھور .نائب صدر جان محمد جانوري .واجد علي مھيسر. رجب علي چانڊيو . نصرالله سولنگي .مير رياض حسين سومرو . مظھر علي ڀٽو .سيد ريحان علي شاه .فراز علي سومرو .سيد محمد شاه آف ميھڙ . ايڊووڪيٽ ساجد چنه ء وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي .

Read Previous

احساس ڪفالت پروگرام تحت غريب عورتون ۽ ٻارڙن جي سهائتا لاءِ ٻارنهن هزار روپيه امداد ڏيڻ واري سينٽرن تي رش

Read Next

سيوهڻ شريف جي ڀرسان لڪي شاھ صدر شھر ۾ گذريل ڏيڍ مھيني کان پيئڻ جي پاڻي 2 مهينن کان بند ٿيڻ جي ڪري رھواسين جو مين اسٽاپ کان 1ڪلو ميٽر درياء ڏانهن پيادل مارچ

Most Popular