سيوهڻ شريف جي ڀرسان لڪي شاھ صدر شھر ۾ گذريل ڏيڍ مھيني کان پيئڻ جي پاڻي 2 مهينن کان بند ٿيڻ جي ڪري رھواسين جو مين اسٽاپ کان 1ڪلو ميٽر درياء ڏانهن پيادل مارچ

سيوهڻ شريف رپورٽ ضمير احمد ڳنڀير) سيوهڻ شريف جي ڀرسان لڪي شاھ صدر شھر ۾ گذريل ڏيڍ مھيني کان پيئڻ جي پاڻي 2 مهينن کان بند ٿيڻ جي ڪري رھواسين جو مين اسٽاپ کان 1ڪلو ميٽر درياء ڏانهن پيادل مارچ ڪري زوردار نعرن سان پاڻي نه ڇو ڀلا ڪربلا وارن نعرن سان شھر مان گشت ڪري درياء جي مٿان لڳل واٽر سپلاء جي اسڪيم مٿان احتجاج ڪري ، شھرين طرفان سياسي سماجي ڌرين سيد صفدر علي شاھ ، سيد تنوير علي عبدالطيف پنھور ، انور چوھاڻ ‘سيد ثابت علي شاھ ، عبدالجبار مهر ، محمد رفيق ڀچو جن جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪرڻ بعد ۾ سنڌو درياء جي مٿن شھر کي پاڻي ڏيڻ واري اسڪيم جي مٿان احتجاجي ڌرڻو ھنيوان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھئو ته انتظاميان گورنمينٽ کان 22 لک جي ڊمانڊ ڪئي آھي ، جڏھن ته صرف 2 لک روپين جو خرچ ٿيندو پر پبلڪ ھيلٿ جو عملو ڪرپشن جو دڪان کولي ڇڏيو آھي تفصيل موجب لڪي شاھ صدر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي عوام اٽي جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي اتظاميان خاموش تماشائي بڻيل آھيشاھ صدر پمپنگ اسڪيم کي درياھ ھڪ ڪلو ميٽر پري ڇڏي وڃڻ سبب پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آھي جڏھن ته پبلڪ ھيلٿ ۽ بااثر جي ملي ڀڳت سان واٽر سپلاء جو موٽر شاخ تي رکيل آھي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آھي ته صرف 2 لک روپين جو خرچ آھي ۽ پاڻي ايريگيشن مشين تائين پھچي سگھي ٿو رقم موجود آھي پر اتظاميان ڪرپشن ڪرڻ جي چڪر ۾ گورنمينٽ کان 22 لک روپين جي ڊمانڊ ڪري ڇڏي آھي جنھن سبب ڏيڍ مھينو گذري ويو آھي پر انتظاميان کي ٽڪي جو احساس ناھي ، وڌيڪ شھرين احتجاج ڪندي چيو ته اسان وزير اعلا سنڌ سيد مراد علي شاھ کان اها گهر ٿا ڪريون ته جلد کان جلد اسان کي پيئڻ جو موهيا ڪيو وڃي نه ته اسان پنهنجو پاڻ جي مٿان پئٽرول هاري نيشنل هاء وي سيوهڻ ڄام شورو روڊ تي پاڻ ساڙينداسين۔جڏھن ته لڪي شاھ صدر جي واٽر سپلاء اسڪيمن ۾ به پبلڪ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ ۽ پ پ پ جي مقامي بااثر جي ملي ڀڳت سان ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي جنھن سبب واٽر سپلاء ھر 10 . 10 ڏينھنن بعد مھينن جا مھينا بند ھوندي آھي ھن اڳواڻن انور چوھاڻ ‘ سيد تنوير علي شاھ ۽ عبدالطيف پنهور جن چيو ته ٻن سالن کان واٽر سپلاء جو موٽر ايريگيشن جي شاخ تي رکيو ويو آھي عوام کي ايريگيشن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آ جڏھن ته لڪي شاھ صدر لاء 5 سال اڳ آيل ڏيڍ ڪروڙ جي سولر تي ھلندڙ نئين اسڪيم به ھلڻ کان اڳ ناڪام ٿي وئي ، سولر جون پليٽون پ پ پ جي مقامي اڳواڻ کڻائي پنھنجي اوطاق تي رکرائي ڇڏيون آھن ھنن اعلان ڪيو ته ايندڙ آچر جي ڏينھن ايريگيشن ۽ پبلڪ ھيلٿ خلاف ڀرپور احتجاج ڪري انڊس ھاء وي بلاڪ ڪري پنهنجو پاڻ جي مٿان پئٽرل هاري پاڻ ساڙينداسين باقي پاڻي کان بغير هونئي جيئرو ڪهڙو۔

Read Previous

ھڪ سنڌ ھڪ ثقافت سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت جي عنوان ھيٺ ثقافتي ريلي

Read Next

نوشهروفيروز: قدرت طرفان معذور بڻيل اسپيشل ايجوڪيشن فزيڪل شاگردن پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو

Most Popular