دادو: شھر نئون ڳوٺ ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جي تعميراتي ڪم ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي خلاف نوجوان اتحاد جو احتجاج

دادو(ڊ ر)دادو ضلعي جي شھر نئون ڳوٺ ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جي تعميراتي ڪم ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي خلاف نوجوان اتحاد نئون ڳوٺ جي اڳواڻن محسن سيال. مصور لاکير. تحسين ناريائي. جان محمد ڪلھوڙو. زهيب پيرزادو ۽ ٻين سوين شھرين ۽ اسڪول جي شاگردن ۽ ٻين ايجوڪيشن ورڪس کاتي دادو خلاف درگاھ سعدي موساڻي چونڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي. مظاھرين صحافين آڏو دانھيندي چيو ته اسان جي شھر ۾ پرائمري بوائز اسڪول زبون حالي جو شڪار ھيو جنھن جو حڪومت پاران نئين بلڊنگ تعمير ڪرائڻ جي لاء 78 لکن جو ٽينڊر منظور ڪرڻ بعد اسڪول جي بلڊنگ کي ڊاھڻ جو ڪم شروع ٿي ويو. ٺيڪيدار بااثر ڪامورن سان ملي ڀڳت ڪري نئون ڳوٺ پرائمري اسڪول جي بلڊنگ لاءِ 78 لک ملڻ باوجود اسڪول جي 4 ڪمرن جون صرف ڇتيون ڊاھي پراڻي خطرناڪ قرارڌنل اسڪول جي ديوارن تي نيون ڇتيون تعميرڪيون پيون وڃن. جڏھن ته اسڪول جون ديوارون پڻ ڪمزور ۽ ٽٽل آھن انھن ديوارن تي بلڊنگ ٺاھڻ سان پرائمري بوائز اسڪول ۾ پڙھندڙ سوين معصوم ٻارن جي حياتي کي خطرو ۽ سندن زندگي پڻ داءَ تي لڳل ھوندي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ٺيڪيدار بااثر ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن سان ملي ڀڳت ڪري پرائمري بوائز اسڪول جي نئين بلڊنگ جي آيل پيسن ۾ ڪرپشن ڪري رھيو آھي.ھنن پيپلزپارٽي چئرمين بلاول ڀٽوزرداري. سي ايم سنڌ سيد مراد علي شاھ. تعليم کاتي جي صوبائي وزير. سيڪريٽري تعليم ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پرائمري اسڪول جي نئين بلڊنگ ٺھرائي ڏني وڃي ٻي صورت نئون ڳوٺ شھر جو سمورو عوام احتجاج ڪندو.

Read Previous

قاضي احمد : پوليس ٿاڻي محراب راهو جي حد ۾ ايڪڙ سروي زمين تي مبينا قبضي کي خالي ڪرائڻ احتجاج

Read Next

اليڪشن ڪمشنر سانگھڙ نعيم الرحمان جلباني چيو آهي آهي ووٽ جو استعمال ھر، پاڪستاني جو قومي فرض آهي

Most Popular