آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسئيشن پاران استاد منظور علي خان ميوزيڪل اڪيڊمي خيرپور ۾ ثقافتي

خيرپور (ڊر) آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسئيشن پاران استاد منظور علي خان ميوزيڪل اڪيڊمي خيرپور ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ٿي، جنهن جي صدارت آسا جي مرڪزي چيئرمين استاد عبدالغفور سومرو ڪئي. تقريب ۾ اڪيڊمي جا شاگرد، شاعر ۽ فنڪار روايتي ثقافتي لباس، اجرڪ ۽ ٽوپيون پهري پهتا. تقريب ۾ آسا چيئرمين استاد عبدالغفور سومرو سنڌ جي ثقافت ۽ موسيقي جي تاريخ تي روشني وجهندي چيو ته راڳ به ثقافت جو حصو آهي ۽ موسيقيءَ کانسواءِ ثقافت اڌوري آهي. هن چيو ته سنڌ ڌرتي جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن تمام پراڻو ۽ شاهوڪار آهي انهن سان هٿ چراند جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، دعا آهي ته سنڌ ڌرتي ۽ ان جا ماروئڙا سکيا ستابا ٿين ۽ سنڌ هميشه آباد رهي. تقريب ۾ شريف عباسي، رخسانه سورٺ، ھير ماروي سنڌي ۽ ٻين گيت ڳائي سُرن ۽ آلاپن سان سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي آسا جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن آفتاب بخاري، عنايت ٻرڙو، حسيب احمد، ماسٽر سارنگ، لياقت منڱڻهار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته شاعر احمد علي مسافر ڌرتيءَ جي حوالي سان پنهنجي نڪور شاعري پڙهي خوب داد ماڻيو.

Read Previous

تلھار ۾ بي آئي ايس پي احساس ڪفالت طرفان مستحق عورتن کي جاري وضيفو ٿيڻ جي باوجود احساس سينٽر مختلف مسئلن جو شڪار ھجڻ ڪري 12 ھزار مستحق عورتن کي نه ملي سگھيا

Read Next

لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد غريب مقام پاڙي ۾ گذريل پهرين ڊسمبر جي ڏينهن نوجوان وقار علي جانوري جو گولي لڳل لاش مليو هو

Most Popular