لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد غريب مقام پاڙي ۾ گذريل پهرين ڊسمبر جي ڏينهن نوجوان وقار علي جانوري جو گولي لڳل لاش مليو هو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد غريب مقام پاڙي ۾ گذريل پهرين ڊسمبر جي ڏينهن نوجوان وقار علي جانوري جو گولي لڳل لاش مليو هو، جنهن لاءِ ڄاڻايو ويو هيو ته هن پاڻ کي مبينا طور گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. پر ڪالھ نوجوان جي وارثن والد شمس الدين جانوري، چاچي سڄڻ خان جانوري، ڀائرن بابر علي، علي گل جانوري ۽ ٻين مائٽن طرفان ايس ايس پي چوڪ اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪندي واقعي کي قتل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي هنن ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل پهرين ڊسمبر تي اسان جي نوجوان وقار علي پٽ شمس الدين جانوري کي پرسرار نموني قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي خون ۾ سندس دوست اورينگزيب لغاري ۽ وقاص مغيري ملوث آهن، جن گهر ٻاهران نوجوان وقار علي کي گولي هڻي قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا، جڏهن ته جوابدارن مقتول نوجوان جي موٽرسائيڪل باقراڻي روڊ تي قائم هڪ شوروم تي وڪرو ڪري ڏني هئي، جيڪا واقعي واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ هنن مقتول وقار علي کان ورتي هئي، اهڙي دانهن اسان حد جي مارڪيٽ ٿاڻي تي ڏني سين، جنهن بعد پوليس هڪ جوابدار وقاص مغيري کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پر ڪو ڪيس وغيره داخل نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيو جوابدار اورنگزيب لغاري فرار ٿيل آهي. هنن چيو ته واقعي واري ڏينهن مقتول نوجوان کي قتل ڪرڻ کان پوءِ خودڪشي جو رنگ ڏئي ملوث جوابدارن سندس خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان وس وارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي صاف شفاف جاچ ڪري ملوث جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري مقتول نوجوان وقار علي جانوري جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسئيشن پاران استاد منظور علي خان ميوزيڪل اڪيڊمي خيرپور ۾ ثقافتي

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي شهر جي رائيس ڪئنال، نيو بس اسٽينڊ رائيس ڪئنال واھه ۽ چانڊيا پاڙي جي رهواسين امڪاني گهر ڊاهڻ خلاف لاھوري ريگيوليٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي

Most Popular