لاڙڪاڻي ۾ گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي شهر جي رائيس ڪئنال، نيو بس اسٽينڊ رائيس ڪئنال واھه ۽ چانڊيا پاڙي جي رهواسين امڪاني گهر ڊاهڻ خلاف لاھوري ريگيوليٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) لاڙڪاڻي ۾ گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي شهر جي رائيس ڪئنال، نيو بس اسٽينڊ رائيس ڪئنال واھه ۽ چانڊيا پاڙي جي رهواسين امڪاني گهر ڊاهڻ خلاف لاھوري ريگيوليٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناع باغ چوڪ پهتي جتي عورتن پاڪ ڪتاب پنهنجي مردن ۽ ٻارن سان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گھر بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن ذوالفقار چانڊيو، اختيار کرل، فياض عمراڻي، عبدالرزاق مغيري، مولانا منٺار چانڊيو ۽ ٻين چيو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران سکر مان هيوي مشينري گهرائي اسان جي گهرن کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهڙو اطلاع ملڻ تي اسين رهواسي ٻاهر نڪري احتجاج ڪري رهيا آهيون. هنن چيو ته اسين سالن کان وٺي رائيس ڪئنال، گهاڙ واهه ۽ آبڙو واهه جي ڪپرن تي گهر ٺاهي رهائش اختيار ڪئي آهي جتي بجلي، گئس، روڊ رستا سميت ٻيون سهولتون موجود آهن پر ان جي باوجود آبپاشي کاتي طرفان اسان جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن. گذريل 3 مهينن کان ٻيهر گهر ڊاهڻ واري عمل ڪري اسان جون ننڊون ڦٽي ويون آهن مسلسل احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، هنن چيو ته گهر ڊهڻ جي صورت ۾ هن سخت سياري جي موسم ۾ 12 هزار کان وڌيڪ رهواسي بي گهر ٿي ويندا ان لاءِ اسان اعلي اختيارين ۽ وس وارن کي اپيل آهي ته گهر ڊاهڻ وارو فيصلو واپس وٺي اسان کي مالڪاڻا حق ڏئي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد غريب مقام پاڙي ۾ گذريل پهرين ڊسمبر جي ڏينهن نوجوان وقار علي جانوري جو گولي لڳل لاش مليو هو

Read Next

ڪشمور پوليس جي زيادتين خلاف نصيراني برادري جو پريس ڪلب جي ٻاهر احتجاج

Most Popular