ڪشمور پوليس جي زيادتين خلاف نصيراني برادري جو پريس ڪلب جي ٻاهر احتجاج

ڪشمور (رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) ڪشمور پوليس جي زيادتين خلاف نصيراني برادري جو پريس ڪلب جي ٻاهر احتجاج ، پوليس بلا جواز ڪوڙا ڪيس کي داخل ڪري بليڪ ميل ڪري رهي آهي ، ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنڌڪوٽ جي سينئر جج جي حڪم تي سيڪنڊ سول جج ڪشمور 45 آرڊي چوڪي تي ڇاپو هڻي هڪ ڃڻي کي بازياب ڪرايو. ايس ايس پي ڪشمور مامري جو نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
تفصيل موجب:ڪشمور ۾ نصيراني برادري جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف اميد علي نصيراني ، مجاهد نصيراني ، فاروق نصيراني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور پوليس ڪنڌڪوٽ جي سينئر جج جي حڪم تي ڪسمور ڪوٽ جي هڪ سينئر جج جي حڪم تي ڪشمور جي سيڪنڊ سول جج عبدالوحید عباسي 45 آرڊي چوڪي تي ڇاپو هڻي ڪري ڪريم بخش نصيراڻي کي بازياب ڪرائي ورتو هو. جنهن کي ڪشمور پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ ديرا موڙ کان گرفتار ڪيو هو. جنهن جي ڪري پوليس اسان تي ڏمريل آهي اڄ صبح جو ڪشمور پوليس اسان جي گهر ۾ گھري ڪري چار ديواري جو تقدس پامال ڪيو، عورتن سان به گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ ٻن ڃڻن شوڪت علي ۽ محمد علي نصيراڻي کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، گرفتاري مهل ڪشمور پوليس چار موٽرسائيڪلون ، ٻه مينهون ، ٽي ٻڪريون ڪاهي وئي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته پوليس جو چوڻ هو ته گرفتار ٿيلن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي، اسان وزير اعظم پاڪستان عمران خان ، وزير اعلٰي سنڌ سيد مراد علي شاھ ، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کي اپيل ڪريون ٿا ته معاملي جي تحقيقات ڪن ۽ اسان کي انصاف ڏياريو وڃي. لکيمير اوڏ ۽ ڪشمور پوليس کان اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ..

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي شهر جي رائيس ڪئنال، نيو بس اسٽينڊ رائيس ڪئنال واھه ۽ چانڊيا پاڙي جي رهواسين امڪاني گهر ڊاهڻ خلاف لاھوري ريگيوليٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي

Read Next

لاڙڪاڻي شهر جي غلام ڀٽو پاڙي ۾ 8 مهينا اڳ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل نينگر غلام مصطفيٰ ڀٽو جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن جو احتجاج

Most Popular