سرينا عيسيٰ ڇهه رڪني بينچ جي جوڙجڪ تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد:   جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران فاضل جج جي گهر واري سرينا عيسيٰ سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي آهي ته وزيراعظم ۽ قانون واري وزير سميت سمورين ڌرين ۽ سندن گهر ڀاتين جا ٽيڪس گوشوارا طلب ڪيا وڃن.  جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني لارجر بينچ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صدارتي ريفرنس نظرثاني ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري سرينا عيسيٰ موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي قائدن موجب جيڪا بينچ فيصلو ڪندي آهي اهائي نظرثاني اپيل به ٻڌندي آهي. 3 معزز ججز کي بينچ مان ڪڍيو ويو. ائين ڪري منهنجي حقن کي متاثر ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس گلزار احمد قاضي فائز عيسيٰ جي بينج جو حصو رهي چڪو آهي. چيف جسٽس بطور چيئرمين جوڊيشل ڪميشن اسان جي قسمت جو فيصلو ڪيئن ڪري سگهي ٿو. 7 رڪني بينچ جي فيصلي کي 6 رڪني بينچ ڪالعدم قرار نٿو ڏئي سگهي.  ان لاءِ منهنجي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 10 رڪني بينچ جوڙيو وڃي. عدالت ڪيس ۾ ٺاهيل ڌرين کان ان جي اثاثن ۽ گوشوارن جا تفصيل طلب ڪري. سرينا عيسيٰ جي طريقيڪار ۽ چيف جسٽس بابت بيان تي جسٽس عمر عطا بنديال ڪاوڙجي پيو. هن چيو ته اوهان اسان لاءِ محترم اهيو، اوهان اسان جي گهر ڀاتين جيان آهيو، پر سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس جي باري ۾ ڳالهائڻ کان اڳ احتياط ڪريو، اوهان جهڙي طريقي سان سوال اٿاريا آهن اهو طريقو صحيح ناهي. مڃان ٿو ته 6 رڪني بينچ 7 رڪني بينچ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار نٿو ڏئي سگهي پر اسان نظرثاني اپيل نه بينچ جي جوڙجڪ جي خلاف درخواست ٻڌي رهيا آهيون. فل ڪورٽ جوڙڻ جو معاملو چيف جسٽس عدالت مٿان ڇڏي ڏنو آهي. 6 رڪني بينچ جي جوڙجڪ بابت اهوئي فيصلو ڏئي سگهي ٿو.  جنهن کان پوءِ سرينا عيسيٰ فيصلي جي اختلافي نوٽس تي به اعتراض واري ڇڏيو. هن چيو ته اختلافي نوٽ ڏيندڙ 3 ججز به مون کي ٻڌڻ کان سواءِ ئي فيصلو ڪيو. سمجهڻ چاهيان ٿي ته مون کي ۽ منهنجي مڙس کي ڇو نشانو بنايو ويو. پوري عدليه ۾ صرف مان ۽ منهنجي مڙس اثاثا ظاهر ڪيا. منهنجي مڙس کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي  لاءِ نئين انڪم ٽيڪس قانون جو استعمال ڪيو ويو. وزيراعظم ۽ قانون واري وزير سميت سمورين ڌرين جا ٽيڪس گوشوارا به گهرايا وڃن.  سموريون ڌريون پنهنجي گهر ڀاتين جا به ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائين، ٽيڪس گوشوارا نه ڏيڻ سان ظاهر ٿيندو ته ڌريون منافقت ڪري رهيون آهن. ٻڌڻي دوران وڪيلن واري تنظيم طرفان رشيد رضوي موقف اختيار ڪيو ته نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي فيصلو ڪندڙ بينچ ئي ٻڌي سگهي ٿو. قانون ۽ عدالتي فيصلن جي خلاف ڪجهه ٿيو ته عدليه جو اميج خراب ٿيندو. سپريم ڪورٽ بار جي صدر لطيف آفريدي پنهنجي موقف ۾  چيو ته بينچ جي جوڙجڪ واري نڪتي تي دليلن جي لاءِ وقت گهرجي. لطيف آفريدي جي استدعا تي ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

Read Previous

پي ڊي ايم اڳواڻ جذباتي ٿي ويا آهن سندن استعيفائن سان جمهوريت کي فائدو نه ٿيندو: شاهه محمود قريشي

Read Next

لاهور ۽ سرگودها سان تعلق رکندڙ پنج ليگي ايم اين ايز استعيفائون قيادت ڏانهن اماڻي ڇڏيون

Most Popular