لاهور ۽ سرگودها سان تعلق رکندڙ پنج ليگي ايم اين ايز استعيفائون قيادت ڏانهن اماڻي ڇڏيون

لاهور: (ن) ليگ جي اسيمبلي ميمبرن طرفان اڳواڻن ڏانهن پنهنجون استعيفائون موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان مسلم ليگ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي افضل کوکر ۽ سيف الملوڪ کوکر طرفان استعيفيٰ پنهنجي قيادت ڏانهن اماڻيون ويون آهن.  ايم اين اي افضل کوکر ۽ ايم پي اي سيف الملوڪ کوکر پارٽي ڏانهن استعيفيٰ اماڻي ڇڏيون آهن. جڏهن ته گذريل ڏينهن سرگودها سان تعلق  رکندڙ ليگي ايم اين اي چوڌري حامد حميد به استعيفيٰ پيش ڪيو هو. حامد حميد به پنهنجي استعيفيٰ پارٽي قيادت ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو. ياد رهي ته سيف الملوڪ کوکر  پنجاب اسيمبلي جو ميمبر آهي جڏهن ته چوڌري حامد حميد سرگودها جو ايم اين اي آهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال موجب پارٽي قيادت اڃان تائين استعيفائون جي هدايت جاري ناهي ڪئي. پر  جڏهن فيصلو ٿيو ته سڀ استعيفيٰ ڏينداسين. هوڏانهن شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته استعيفيٰ سنجيده آپشن آهي ۽ ان جو حتمي فيصلو پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ ٿيندو.

Read Previous

سرينا عيسيٰ ڇهه رڪني بينچ جي جوڙجڪ تي اعتراض واري ڇڏيا

Read Next

برطانيا ۽ جرمني ۾ به عوام کي ڪورونا ويڪسين جي فراهمي جون تياريون شروع

Most Popular