(ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان) اچو ته بدعنواني خلاف متحد ٿيون

تحرير:اعجازتيوڻو

دنيا ۾ وڌندڙ ڪرپشن جي ڪري عام ماڻهو جي زندگي تي پوندڙ خراب اثرن ۽ پيش ايندڙ مسئلن کي گهٽ ڪرڻ سميت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اقوام متحده پاران 2005 کان وٺي 9 ڊسمبر کي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيوويو آهي هن سال اقوام متحده پاران ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن کي”بدعنواني خلاف متحد “جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪرپشن هاڻي ڪنهن هڪ ملڪ يا علائقي جو نه پر پوري دنيا جو گڏيل مسئلو بڻجي ويو آهي ڏٺو وڃي ته بدعنواني سبب عوام کي تعليم، صحت، ضروري بنيادي سهولتن جي فراهمي نه ٿيڻ سميت سندن وسيلن کان محروم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سماجي ترقي ،جمهوري استحڪام ۽ قانون جي بالادستي کي پڻ ختم ڪري ٿي ڪرپشن هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن مان ٻيا ڪيترائي سياسي سماجي مسئلا جنم وٺن ٿا جنهن جو سنئون سڌو اثر عام ماڻهو تي پئي ٿو هن وقت پاڪستان جي جيڪا معاشي،سماجي ۽ سياسي حالت آهي ان جو مک ڪارڻ پڻ ڪرپشن ئي آهي جنهن ملڪ جي پاڙن کي کائي کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪرپشن ھڪ اھڙي خطرناڪ بيماري آھي جيڪا پوري ملڪ کي اڏھي جيان کائي رھي آھي يونين ڪائونسل سطح کان ويندي صوبائي ۽ وفاقي کاتن جي اعلى ايوانن تائين ڪرپشن ڪرڻ کان ڪو ورلي بچيل آهي ڇو ته ڪرپشن صرف رشوت طور پئسا وٺڻ نه پر پنهنجي منصب صحيح استعمال نه ڪرڻ،اقربا پروري سان پنهنجا نوازي ڪري ميرٽ جي لتاڙ سميت غلط پلاننگ ۽ ٻيا ڪيترائي طريقا آهن ھن وقت ته دنيا جو ڪوبه اھڙو ملڪ ناھي جتي ڪرپشن نه ھجي ڪٿي گھڻي ته ڪٿي ٿوري ڪرپشن ضرور آهي جڏھن ته پاڪستان ۾ نيب، اينٽي ڪرپشن سميت ٻيا ڪرپشن ٽوڙ کاتا ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رھيا آھن پر ان باوجود به ڪا خاص ڪاميابي ناھي ملي سگھي ملڪ ۽ معاشري ۾ ڪرپشن ھن وقت ناسور جيان ڦھيلجي چڪو آهي عام خيال آهي ته ھر ڪم رشوت ڏيڻ کانسواءِ ممڪن نه آھي جڏھن ته حڪومت پاران عوام کي سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ ادارا قائم ڪيا ويا آهن پر ان باوجود عوام کي لاڀ نه ملي سگهيو آهي حڪومت پاران ھر سال ڪرپشن جي خاتمي لاءِ آگاھي سيمينار، ريليون ۽ ٻيا معلوماتي پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن جڏھن ته ريلين ۾ پڻ آفيسر ۽ عوام شامل ھوندي آھي ان باوجود ڪرپشن ۾ واضح گهٽتائي نه اچڻ جو سبب عوام ۽ عملدارن پاران ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سنجيدگي

ڪرپشن.
بي پھچ مايوس ٿي موٽي ويا
پھچ وارن ڪم ورتو پرچي ڏئي.
فون تي ھڪڙن جا ٻيڙا پار ٿيا.
ٻيا وري ڪامياب ٿيا خرچي ڏئي.
……
ڪم جائز آ مگر ٿو ڪونه ٿئي.
انچ ھڪڙو ڀي نه ٿو فائيل چري
چپراسي در تي جھلي ڪن ۾ چيو
تنھنجو ڪاغذ خرچ ٿو ٿورو گھري .

Read Previous

اُٺ تڏھن ٿي رڙيا، جڏھن ٻورا پئي سبيا.

Read Next

تلھار ۾ پ پ پ ايم پي اي جي فرزنڌ مير عمران ٽالپور پاران مختلف برادرين سان ملاقاتن

Most Popular