سڪرنڊ: اسٽنٽ ڪمشنر محمد سليم جتوئي پاران شهر جو گشت، ڪورنا ايس او پي تي عمل ڪرڻ جي هدايت

سڪرنڊ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي پاران سڪرنڊ ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ شهر جو گشت ڪري دوڪاندارن کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ۽ کين ماسڪ نه پاتل دوڪاندارن ۽ شهرين کي ڪورونا کان بچاءَ لاءِ آگاهي پمفليٽ ۽ پنهنجي طرفان ماسڪ فراهم ڪيا ويا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي چيو ته ڪورونا وبا خطرناڪ آهي جنهن سان احتياط ذريعي ئي بچي سگهجي ٿو. هن چيو ته لاڪ ڊائون وارو عمل مجبوري تحت ڪيو وڃي ٿو اسان دوڪاندارن جو ڪاروبار بند ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيون دوڪاندار ۽ شهرين کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. ان موقعي تي ٽائون آفيسر سيد مرتضيٰ شاهه ۽ ٻيا آفيسر گڏ هئا.

Read Previous

تلھار ۾ پ پ پ ايم پي اي جي فرزنڌ مير عمران ٽالپور پاران مختلف برادرين سان ملاقاتن

Read Next

ڊاڪٽر ديپڪ ۽ سندس جيون ساٿي سڏجندڙ ۽ ھاڻ پنھنجي حسين زندگي جا خواب ڏسي عليحدگي ڪندڙ سنيتا تو ڪئي توکي ڦٻي مومل اِها مذاق…!

Most Popular