لاڙڪاڻو: غيرقانوني بجلي استعمال ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ايل ٽي ۽ ايڇ ٽي تارون لاهي 12 ٽراسفارمرن جي بجلي ڪٽي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) ايگيزڪيٽو انجنيئر آپريشن ڊويزن سيپڪو سٽي لاڙڪاڻو خليل احمد چانڊيو جي حڪم تي ايس ڊي او سب ڊويزن امپائر منظور مصطفيٰ ڀٽو پنهنجي ٽيم لائين سپريٽنٽ سيف الله سومرو، ايل ايس اختر علي سانگي، ايل ايم عابد حسين قادري، نور احمد ڀٽو، عبدالحق عباسي ۽ ٻين عملي سان گڏجي شهر جي لهر ڪالوني، حسيني پاڙي، نشتر روڊ، بروهي ڦاٽڪ، صديقي محلا، ايوب ڪالوني ۾ بجلي جو بل ادا نه ڪندڙن سميت غيرقانوني بجلي استعمال ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ايل ٽي ۽ ايڇ ٽي تارون لاهي 12 ٽراسفارمرن جي بجلي ڪٽي وئي. ان موقعي تي خليل احمد چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته بجلي چورن کي بخش نه ڪيو ويندو سندن مٿان ڪيس داخل ڪرايا ويندا، جڏهن ته شهر ۾ چوري سبب فيڊر اور لوڊ ٿيڻ سبب بار بار ٽرپ ٿين پيا، جتي به لوڊ مينيجمينٽ وڌيڪ آهي، انهن کي درست ڪري انهن جو لوڊ گهٽ لوڊ واري فيڊرن تي رکي رهيا آهيون.

Read Previous

لاڙڪاڻي شهر جي غلام ڀٽو پاڙي ۾ 8 مهينا اڳ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل نينگر غلام مصطفيٰ ڀٽو جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج

Read Next

18 سالن کان گھٽ عمر وارن ٻارن جون شاديون ڪرائڻ قانونن ڏوھه آھي : ابرار احمد جعفر

Most Popular